Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

ڪري ان ڪم ۾ استقامت حاصل ناهي ٿيندي، تنهنڪري اوهان جيڪڏهن استقامت حاصل ڪرڻ چاهيو ٿيون ته ان ڪم ۾ ميانه روي اختيار ڪريو، مثال طور ڪو اسلامي ڀيڻ روزانو تلاوتِ قرآن ڪرڻ تي استقامت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي گھرجي ته شروع ۾ هڪ، ٻه رڪوع جي تلاوت جي عادت بڻائي پوءِ انهيء تي عمل ڪندي رهي، جڏهن ڏسي ته هاڻي منهنجو اهو معمول بڻجي چڪو آهي ته مزيد هڪ رڪوع جو اضافو ڪري ۽ روزانو ڪجھ نه ڪجھ وڌائيندي وڃي ته هن طرح استقامت ماڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ويندي ۽ تلاوت قرآن ڪريم جي عادت بڻجي ويندي۔ اهڙي طرح ٻِن ڪمن تي استقامت حاصل ڪري سگهجي ٿي. ياد رهي ته هي تفصيل نفلي عبادتن جي لاءِ آهي، جيسيتائين تعلق فرض ۽ واجب عبادت جو آهي ته اهي شرائط سان لاڳاپيل آهن ته جڏهن شرط ڏٺا ويا ته اهي انهيءَ وقت کان استقامت سان ادا ڪيا ويندا. مثلاً نماز فرض ٿيندي ئي ان تي استقامت حاصل ڪرڻ ضروري ٿيندو، ائين ناهي ته پهريان هڪ ٻه نمازن جي عادت بڻجي وڃي ته پوءِ آهسته آهسته وڌندو وڃي. الله پاڪ اسان کي تمام نيڪ ڪمن تي استقامت عطا فرمائي.

(4) بزرگن جي سيرت تي عمل ڪريون

    پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! نيڪ عملن تي استقامت حاصل ڪرڻ جي طريقن مان هڪ طريقو اهو به آهي ته بزرگن جي دِين ۽ نيڪ ڪمن تي استقامت جي واقعن جو مطالعو ڪيو وڃي. اسان ڏسون ٿيون ته صحابه ڪرام ۽ بزرگانِ دين طرح طرح جون تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻ جي باوجود به ايمان تي ثابت قدم رهيا، انهن مقدّس هستين کي اسلام قبول ڪرڻ جي ڪري طرح طرح جون اذيتون پهچايون ويون، ڪڏهن جسم تي