Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

پوءِ اهو کاڌي وغيره کائڻ ۾ پيٽ اندر پهچندو آهي جنهن سبب طرح طرح جون بيماريون پيدا ٿيڻ جو خطرو رهندو آهي۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٿي سگھي ته هر جمعي جو غسل ۽ صفائي جو اهتمام ڪيو، ۽ ننهن وغيره ڪٽيندا ڪيو ٭ ڏند سان ننهن نه ڪٽڻ گھرجن، اهو مڪروه آهي ۽ هن سان برص(يعني اهڙو مرض جنهن ۾ بدن تي سفيد داغ ٿي پوندا آهن ان جي) پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي. (ردالمحتار مع در مختار،ڪتاب الحظر والاباحۃ، فصل في البيع، ۹/ ۶۶۸)  ٭ ڊگھا ننهن شيطان جي نشست گاھ آهي۔ يعني ان تي شيطان ويهندو آهي۔ (ڪيميائے سعادت، ۱/۱۶۸) ٭ ننهن يا وار وغيره ڪٽڻ کان پوءِ دفن ڪرڻ گھرجن۔ بيت الخلا يا غسل خاني ۾ اڇلائڻ مڪروه آهي، هن سان بيماري پيدا ٿيندي آهي۔ (درمختارمع ردالمحتار،ڪتاب الحظر والاباحۃ،فصل في البيع، ۹/۶۶۸) ٭ ننهن ڪٽائڻ کان پوءِ آڱرين جا پورا ڌوئڻ گھرجن۔٭ نڪ جا وار نه اُکيڙجن ڇوته هن سان آڪله نالي بيماري پيدا ٿيڻ جو خوف آهي۔ (فتاويٰ هنديه ،ڪتاب الڪراهيۃ،الباب التاسع عشر في الختان والحصا...الخ،۵/۳۵۸) (آڪله پاسي ۾ ٿيڻ واري ان ڳوڙهي کي چوندا آهن جنهن سان گوشت ۽ کل سڙي ويندي آهي ۽ گوشت ڪرڻ لڳندو آهي۔)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جهڙي طرح اسان پنهنجي بدن، لباس، استعمالي شين ۽ گهر کي صاف سٿرو رکون ٿيون اهڙي طرح گهر جي ٻاهر جي اطراف کي به صاف سٿرو رکڻ اسان جي اخلاقي ذمه داري آهي۔ وڏن شهرن ۾ انتظاميه جي طرفان رهائشي علائقي کان ٿورو پري هڪ هنڌ مقرر هوندو آهي، اتي آس پاس جا ماڻهو پنهنجي گهرن جو ڪچرو اڇلائيندا آهن پوءِ اتان کان انتظاميه جون گاڏيون ان ڪچري کي کڻي وينديون آهن، پر ڪي ماڻهو عين روڊ جي وچ ۾ يا ڪنهن جي گهر جي اڳيان ڪچري جا ڍير لڳائڻ شروع ڪندا آهن، هڪ کان پوءِ ٻيو ۽ وري ٽيون به پنهنجي گهر جو ڪچرو اتي اڇلائيندو آهي ته ڄڻ لائن لڳي ويندي آهي، اهو ئي هنڌ عوامي طور تي