Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

به داخل هو۔ غسل ۾ گرڙي ۽ نڪ ۾ پاڻي وجهڻ ۽ تمام جسم جو ڌوئڻ اسان وٽ فرض آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۱/۳۴۵ تا ۳۴۶ ملتقطاً)

(6)   حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان وٽ تشريف فرما ٿيا، هڪ شخص کي ڏٺائون جنهن جا وار وکريل هئا، فرمايائون: ڇا هن کي اهڙي شيء ناهي ملندي جنهن سان وارن کي گڏ ڪري وٺي ۽ ٻئي شخص کي ميرا ڪپڙا پاتل ڏسي فرمايائون: ڇا هن کي اهڙي شيء ناهي ملندي جنهن سان ڪپڙا ڌوئي وٺي۔ (ابوداؤد، ڪتاب اللباس، باب في غسل الثوب وفي الخلقان، ۴/۷۲، حديث: ۴۰۶۲)

(7)   حضرت عطاء بن يسار رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا، رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجد ۾ تشريف فرما هئا۔ هڪ شخص آيو جنهن جي مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار وکريل هئا، حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ڏانهن اشارو ڪيائون، ڄڻ وارن کي درست ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهن۔ اهو شخص وار درست ڪري واپس موٽيو ته نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: ’’ڇا اهو هن کان بهتر نه آهي جو ڪو شخص وکريل وارن سان ايندو آهي ڄڻ ته اهو شيطان آهي۔ (موطا امام مالڪ، ڪتاب الشعر، باب اصلاح الشعر، ۲/۴۳۵، حديث: ۱۸۱۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حديث سڳورين مان معلوم ٿيو! صفائي الله ڪريم کي پسند آهي، صفائي رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پسند آهي، صفائي انسان کي جنت ۾ داخل ڪندي، صفائي تي اسلام جو بنياد رکيو ويو آهي، صفائي انسان کي عزت بخشندي آهي ۽ صفائي جو اهتمام نه ڪرڻ واري کي رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سمجهايو، تنهنڪري هر هڪ کي گھرجي ته اها پنهنجي جسم ۽ لباس وغيره کي نجاست کان پاڪ رکڻ سان گڏوگڏ مَر مٽي وغيره کان به صاف رکي۔ پنهنجي مٿي جي وارن کي به درست رکي۔ ننهن (Nails) به گھڻا وڌڻ نه ڏئي ڇوته ان ۾ مر مٽي ڀرجي ويندو آهي،