Book Name:Andheri Qabar

روئندي تيز هلي رهي هئي، اها چئي رهي هئي؛ اي بابا سائين! اڄ مون تي اهو وقت آيو آهي جيڪو پهريان ڪڏهن نه آيو هو۔ حضرت سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن اهو درد ڀريو آواز ٻڌو ته اکيون اشڪبار، دل بيقرار ٿي وئي، شفقت وچان ان يتيم ۽ غمگين ٻارڙيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ فرمايائون؛ نياڻي! توتي نه بلڪ تنهنجي مرحوم بابا تي اهو وقت آيو آهي جيڪو اڄ کان پهريان ڪڏهن نه آيو هو۔ ٻئي ڏينهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ننڍڙي ٻارڙيءَ کي ڏٺو ته ڳوڙها ڳاڙيندي قبرستان ڏانهن وڃي رهي آهي۔ حضرت سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي پٺيان هلڻ لڳا۔ قبرستان پهچي ڪري ننڍڙي ٻارڙي پنهنجي مرحوم والد جي قبر وٽ ويهي رهي، حضرت سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ وڻ جي اوٽ ۾ بيهي رهيا۔ اها ننڍڙي ٻارڙي پنهنجا ڳل مٽيءَ تي رکي روئي ڪري چوڻ لڳي؛ پيارا بابا! توهان انڌيري ۾ ڏيئي ۽ ڪنهن ساٿيءَ بنا قبر جي پهرين رات ڪيئن گذاري؟ پيارا بابا! ڪالهه رات ته مون گھر ۾ توهان جي لاءِ ڏيئو ٻاريو هو، اڄ رات قبر ۾ ڏيئو ڪنهن ٻاريو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات گھر ۾ مون توهان جي لاءِ بسترو وڇايو هو، اڄ رات قبر ۾ بسترو ڪنهن وڇايو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات گھر ۾ مون توهان جي هٿن پيرن کي زور ڏنا ها اڄ رات قبر ۾ هٿن پيرن کي ڪنهن زور ڏنا هوندا! پيارا بابا! ڪالهه رات گھر ۾ مون توهان کي پاڻي پياريو هو، اڄ رات قبر ۾ جڏهن اُڃ لڳي هوندي ۽ توهان پاڻي گھريو هوندو ته پاڻي ڪنهن پياريو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات ته توهان جي جسم تي چادر مون رکي هئي اڄ رات ڪنهن رکي هوندي! پيارا بابا! ڪالهه رات ته گھر جي اندر توهان جي چهري تان پگھر مان اگھندي رهي هيس اڄ رات قبر ۾ پگھر ڪنهن صاف ڪيو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات تائين ته توهان مونکي جڏهن به سڏيو مان ايندي هئس، اڄ رات قبر ۾ توهان ڪنهن کي سڏيو هوندو ۽ توهان جو سڏ ٻڌي ڪير آيو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات تائين جڏهن توهان کي بک لڳي هئي ته مان ماني کڻي آئي هيس، اڄ رات جڏهن قبر ۾ بک