Book Name:Andheri Qabar

لڳي هوندي ته کاڌو ڪنهن ڏنو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه تائين ته مون توهان جي لاءِ مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪيا هئا، اڄ قبر ۾ پهرين رات ڪنهن تيار ڪيا هوندا!

حضرت سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه غمگين ۽ ڏکايل مدني منيءَ جون اهي درد ڀريون ڳالهيون ٻڌي روئي پيا ۽ ويجھو وڃي فرمايو؛ اي نياڻي! ائين نه بلڪ هينئن چئو؛ پيارا بابا! دفن ڪرڻ وقت توهان جو چهرو قبلي ڏانهن ڪيو ويو هو، ڇا هاڻي به انهيءَ حالت ۾ آهي يا ٻئي طرف چهرو ڦيريو ويو آهي؟ پيارا بابا! توهان کي صاف سٿرو ڪفن پارائي دفن ڪيو ويو هو ڇا اهو اڃان تائين صاف سٿرو ئي آهي؟ پيارا بابا! توهان کي قبر ۾ صحيح سلامت جسم سان رکيو ويو هو، ڇا اڃان تائين جسم سلامت آهي يا ان کي ڪيڙن ماڪوڙن کائي ڇڏيو آهي؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته قبر جي پهرين رات ٻانهي کان ايمان جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو ته ڪو جواب ڏيندو ۽ ڪو مايوس رهندو ته توهان ان سوال جو صحيح جواب ڏنو يا ناڪام ٿي ويؤ؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته ڪن مُردن تي قبر ڪشاده ٿي ويندي آهي ۽ ڪن تي تنگ، ته توهان تي قبر تنگي ڪئي آهي يا ڪشادگي؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته ڪنهن ميت جي ڪفن کي جنتي ڪفن سان ۽ ڪنهن جي ڪفن کي جهنمي باھ جي ڪفن سان بدلايو ويندو آهي ته توهان جو ڪفن باھ سان بدلايو ويو آهي يا جنتي ڪفن سان؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته قبر ڪنهن کي اهڙي طرح دٻائيندي آهي جهڙي طرح ماءُ پنهنجي وڇڙيل پٽ کي شفقت وچان سيني سان لائيندي آهي ۽ ڪنهن کي غضب ناڪ ٿي ايتري زور سان چيڀاٽيندي آهي جو ان جون پاسراٽيون ٽٽي هڪ ٻئي سان ملي وينديون آهن ته قبر توهان کي ماءُ وانگر نرميءَ سان ڳلي لڳايو، يا پاسراٽيون ڀڃي ڇڏيون؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته