Book Name:Andheri Qabar

ڪرڻ واري هئي، صحابهء ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان، اهلبيتِ عظام ۽ اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ اللّٰهُ السَّلَام سان محبت ڪرڻ واري هئي، ته ان جي قبر جيڪا مٿان کان مٽيءَ جو ڍير نظر اچي پئي، ٿي سگھي ٿو ته الله پاڪ ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فضل ۽ ڪرم سان ان جو اندروني حصو حدِ نگاھ تائين وسيع ٿي چڪو هجي، قبر ۾ جنت جي دري کلي وئي هجي ۽ ان مٽي جي ظاهري ڍير هيٺان جنت جو خوبصورت باغ موجود هجي۔ ٻئي طرف ان مٽي جي ڍير هيٺان دفن ٿيڻ واري جيڪڏهن بي نمازي هئي، رمضان المبارڪ جا روزا ڄاڻي واڻي برباد ڪرڻ واري هئي، ٻين جي بنا اجازتِ شرعي دل ڏکائڻ واري هئي، امانت ۾ خيانت ڪرڻ واري هئي، فلمون ڊراما ڏسڻ واري هئي، گانا باجا ٻڌڻ واري هئي، گاريون ڏيڻ واري هئي، ڪوڙ، غيبت، چغلي، الزام تراشي، بدگماني ۽ تڪبُّر جي عادي هئي، ماءُ پيءُ جي نافرمان هئي، ٿي سگهي ٿو ته ان مٽيءَ جي پر سڪون نظر اچڻ واري ڍير هيٺان بيقراري وارو ماحول هجي، جهنم جي دري کلي وئي هجي، باھ ڀڙڪي رهي هجي، نانگ ۽ وڇون دفن ٿيڻ واريءَ جي جسم تي چنبڙيل هجن ۽ دانهن ۽ ڪوڪن جو وڏو آواز هجي جنهن کي اسان نٿيون ٻڌي سگهون۔

منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛

ارے یہ بھیڑیوں کا بَن ہے شام آ گئی سر پر               کہاں سویا ہے مسافر ہائے کتنا لَااُبالی ہے

اندھیرا گھر، اکیلی جان، دَم گھٹتا، دِل اُکتاتا                 خُدا کو یاد کر پیارے وہ ساعت آنے والی ہے

زمیں تپتی، کٹیلی راہ، بھاری بوجھ، گھائل پاؤں                  مصیبت جھیلنے والے تِرا اللہ والی ہے

نہ چَونکا دن ہے ڈھلنے پر تِری منزل ہوئی کھوٹی                 ارے او جانے والے نیند یہ  کب کی نکالی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد