Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

ڪردار، سندن تعليمات وغيره تي ريسرچ ڪن ٿا، ان تي مقالا (يعني Thesis) لکن ٿا ۽ ان بنياد تي P.H.D جي ڊگري حاصِل ڪن ٿا، اُنهن) جو چوڻ آهي: * اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه امامِ عشق و محبت آهن، * اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشق رسول جو مِثَال نٿو ملي * اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڄي زندگي عشق رسول ۾ گذاري * سڄي زِندگي آقاءِ نامدار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون نعتون لکيون * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عزت و ناموس تي پهرو ڏيندي زندگي گذاري * اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشقِ رسول جي ته ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڪ و هند ۾ جيڪا عشقِ رسول جي شمع روشن آهي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ئي جي دَم سان روشن آهي پر سوال اهو آهي ته سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي عشقِ رسول جي اها بي پناھ دولت نصيب ڪيئن ٿي؟ ان تي ريسرچ ڪئي وئي ته ريسرچ ڪرڻ وارن چيو: اسان هن نتيجي تي پهتاسين ته بيشڪ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي عشقِ رسول جي اها بي پناھ دولت الله پاڪ ئي عطا فرمائي هئي پر ظاهري اسباب جي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته جيئن ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا والِد ۽ سندن استاد مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏي مرتبي جا عاشق رسول هئا، ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو اهو عشقِ رسول جنهن هڪ جهان کي فيض پهچايو، اهو عشقِ رسول جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي پاڪيزه دِل جي ذريعي ئي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دِل ۾ سمائجي ويو هو۔ (فیضانِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:64بتغیر قلیل)

جان ہے عشق مصطفےٰ، روز فُزوں کرے خُدا                       جس کو ہو دَرْد کا مزہ، نازِ دَوا اُٹھائے کیوں

(حدائقِ بخشش، صفحہ:94)

وضاحت: عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان جي جان آهي، الله ڪري جو اهو عشق ڪڏهن نه گھٽجي، وڌندو ئي رهي، ڇوته جنهن کي عِشق جي درد ۾ مزو ايندو آهي، اهو ان درد جي دوا ناهي وٺندو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد