Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
رزق ۾ اضافي جي لاءِ غلط واٽون اختيار ڪيون ته اسان جهڙي نادان ٻي ڪير هوندي. جيڪڏهن اسان دنيا ۽ آخرت ۾ خوشحال زندگي (Prosperous Life) جون خواهش مند آهيون ته گناھ ڇڏيون، توبھ استغفار ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ ڪرم فرمائيندو.[1]
هر پريشاني کان نجات جو رستو
نبين جي تاجور، محبوبِ ربِّ اڪبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن اِسۡتغفار کي پاڻ تي لازم ڪري ورتو الله پاڪ ان جي هر پريشاني (Hardships) دور فرمائيندو ۽ هر تنگي کان راحت عطا فرمائيندو ۽ ان کي اهڙي جڳھ تان رِزق عطا فرمائيندو، جتان کيس گمان به نه هوندو.
تمام مسئلن جو هڪ ئي حل
هڪ ڀيري حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ هڪ شخص آيو ۽ ان بارش جي گهٽتائي (Shortage) جي شڪايت ڪئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي استغفار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻيو شخص آيو ۽ ان تنگدستي (Poverty) جي شڪايت ڪئي ته ان کي به اهو ئي حڪم ڏنائون، پوءِ ٽيون شخص آيو ان بي اولادي جي شڪايت ڪئي ته ان کي به ساڳيون ئي حڪ ڏنائون ته اِستغفار ڪيو! پوءِ چوٿون شخص آيو ۽ ان پنهنجي زمين جي پيداوار (Production) گهٽ ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ته ان کي به فرمايائون اِستغفار ڪيو! حضرت ربيع بن صَبيح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي اتي موجود هئا انهن عرض ڪيو: اوهان وٽ ڪجھ ماڻهو آيا ۽ انهن طرح طرح جون حاجتون (Needs) پيش ڪيون، اوهان سڀني کي هڪ ئي جواب ڏنو ته اِستغفار ڪيو! ان تي امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي آيتون پڙهيون:[2]