Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
ڪيفيتُن ۽ توڪل جي درجي جي مطابق ضرورتاً مال جمع (Accumulate) ڪرڻ به جائز آهي. ان جون مختلف صورتون آهن، تفصيلي معلومات (Detailed Information) حاصل ڪرڻ چاهيو ٿيون ته مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب ”حرص“ پڙهي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ديني معلومات جو انمول خزانو هٿ ايندو.
مِرا دل پاک ہو سرکار! دنیا کی محبت سے مجھے ہو جائے نفرت کاش! آقا ! مال و دولت سے [1]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان تنگدستي، محتاجي (Destitution) ۽ مُفلسي (Poverty) کان ڪيئن بچي سگهون ٿيون؟ رِزقِ حلال ۾ اضافي جا سبب (Sources) ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ ان جي باري ۾ مدني گُل ٻڌڻ کان پهريان اچو! هڪ ايمان افروز ۽ سبق آموز حديثِ پاڪ ٻڌون ٿا.
گذارش آهي ته هي حديثِ پاڪ اسان پنهنجي موجوده حالت (Situation) کي سامهون رکي ڪري ۽ جيڪا ڀيڻ مالدار آهي اها پنهنجي مالداريءَ کي سامهون رکي ڪري هي حديث شريف ٻڌي.
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: دنيا 4 انسانن جي لاءِ آهي: (1): اهو انسان جنهن کي الله پاڪ مال به عطا ڪيو ۽ علمِ دين (Religious Knowledge) جي دولت به عطا فرمائي، بَس هي مال جي معاملي ۾ الله پاڪ کان ڊڄندو آهي، رشتيدارن سان حسنِ سلوڪ ڪندو آهي ۽ الله پاڪ جي رضاء جي لاءِ مال جا حق ادا ڪندو آهي، هي ٻانهو افضل درجي ۾ آهي. (2): هڪ اهو انسان آهي جنهن کي الله پاڪ علمِ (دين) جي دولت سان ته نوازيو پر