Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
مانيءَ جو احترام ڪيو...!!
ياد رکو! رِزق جي بي قدري، ان جي بي حرمتي تنگدستي جو سبب آهي. مسلمانن جي پياري امڙ، حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: تاجدارِ مدينه، سلطانِ باقرينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مڪانِ عاليشان ۾ تشريف وٺي آيا، مانيءَ جو ٽڪرو پيل ڏٺائون، ان کي کڻي ڪري صاف ڪيائون، پوءِ کائي ڇڏيائون ۽ فرمايائون: يَا عَائِشَةُ اَكْرِمِيْ كَرِيْمًا فَاِنَّهَا مَا نَفَرَتْ عَنْ قَوْمٍ قَطُّ فَعَادَت اِلَيْهِمْ يعني اي عائشه (رَضِىَ اللهُ عَنْها)! سُٺي شيءِ جو احترام ڪيو جو هي شيءِ (يعني ماني) جڏهن ڪنهن قوم مان وئي آهي موٽي ڪري ناهي آئي.[1]
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي! اسان کي کاڌي جهڙي عظيم نعمتِ الهي جو خوب قدر ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ کائڻ وقت کاڌي جي سنّتن ۽ آدابن جو به خوب خيال رکڻ گهرجي ڇوته اسان کائڻ وقت کاڌي جي سنّتن ۽ آدابن کي پيشِ نظر رکنديون سين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نه صرف رِزق جي بي قدري کان بچڻ ۾ ڪامياب (Successful) وينديون سين بلڪه دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين سان گڏوگڏ رِزق ۾ خير ۽ برڪت جي نعمت سان به سرفراز ٿينديون سين.
الله پاڪ اسان کي رِزقِ حلال نصيب فرمائي، اسان کي محتاجي ۽ تنگدستي کان محفوظ فرمائي ۽ ڪاش! ڪاش! اسان کي رِزق جو قدر نصيب ٿي وڃي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد