Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
رهڻ ۽ فجر جون سنّتون ۽ فرضن جي درميان 70 ڀيرا اِستغفار ڪرڻ. گهر ۾ آيةُ الڪرسي پڙهڻ ۽ ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهڻ. ٻين تائين علمِ دين پهچائڻ. جيتوڻيڪ قرآن جي هڪ آيت يا دين جو هڪ مسئلو هجي، ان سان به رزق ۾ خير ۽ برڪت ۽ وُسۡعت (Expansion) نصيب ٿيندي آهي.
تندگدستي جا ڪجھ ڪارڻ
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جهڙيءَ طرح روزيءَ ۾ برڪت جا سبب آهن اهڙيءَ طرح روزي ۾ تنگي جا به ڪجھ ڪارڻ آهن، جيڪڏهن انهن کان بچيو وڃي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! روزي ۾ برڪت ئي برڪت ڏسنديون. بنا هٿ ڌوئڻ جي کاڌو کائڻ. مٿي اگهاڙي کائڻ. اونداهي ۾ کاڌو کائڻ. دروازي تي ويهي ڪري کائڻ. ميت جي ويجهو ويهي ڪري کائڻ. جَنابت (يعني غسل فرض هجڻ جي حالت ۾) کاڌو کائڻ. کٽَ تي بنا دسترخوان وڇائي کائڻ. ڏندن سان ماني ڪُترڻ. چيني يا مٽيءَ جا ڀڳل ٿانوَ استعمال ڪرڻ، انهن ۾ پاڻي پيئڻ (ياد رکو! ٿانوَ يا ڪوپ جي ڀڳل حصي جي طرف کان پاڻي، چانھ وغيره پيئڻ مڪروھ آهي، مٽي جي ڀڳل يا اهڙا ٿانوَ جن جي اندروني حصي مان ٿورڙي مِٽي نڪتل هجي ان ۾ کاڌو نه کائو جو ميراڻ ۽ دزي ۽ جراثيم (Germs) پيٽ ۾ وڃي ڪري بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿا). جنهن ٿانون ۾ کاڌو کاڌو هجي اهي چڱي طرح صاف نه ڪرڻ. جنهن ٿانوَ ۾ کاڌو کاڌو انهن ۾ هٿ ڌوئڻ. کاڌي پيتي جا ٿانوَ کُليل ڇڏي ڏيڻ (کاڌي پيتي جا ٿانوَ بِسمِ الله چئي ڪري ڍڪي ڇڏڻ گهرجن جو بلائون لهنديون آهن ۽ خراب ڪري ڇڏينديون آهن پوءِ اهو کاڌو ۽ مشروب بيماريون آڻيندو آهي). مانيءَ کي هن طرح رکڻ جو بي ادبي هجي ۽ پيرن ۾ اچي. اهڙيءَ طرح گهڻو سمهڻ جي عادت (ان سان جهالت به پيدا ٿيندي آهي) بي لباس ٿي ڪري سمهڻ. دسترخوان تي ڪِريل داڻا ۽ کاڌي جا ذرا وغيره کڻڻ ۾ سُستي ڪرڻ. بصر ۽ ٿوم جون کَلون ساڙڻ. گهر ۾ ڪپڙن سان ٻهارو ڏيڻ. رات جو ٻهارو ڏيڻ. گند ڪچرو گهر ۾ ئي ڇڏي ڏيڻ. والدين