Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ٻڌو اِستغفار جي ڪثرت ڪرڻ، تقوٰي اپنائڻ، گناھن کان بچڻ، عبادت جي لاءِ دل کي فارغ رکڻ ۽ رِزق جو قدر ڪرڻ جي برڪت سان رِزق ۾ اضافو ٿيند و آهي. رِزق ۾ اضافي جا ٻيا به کوڙ سبب آهن: مثلاً: رشتيدارن ۽ (خاص طور ماءُ پيءُ) سان حسنِ سلوڪ ڪرڻ سان رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي[1] قرآنِ پاڪ جون مختلف سورتون پڙهڻ جهڙوڪ: سورت مُلڪ، سورت مزمل، سورت واللّيل ۽ سورت اَلَمۡ نَشۡرح ۽ خاص طور سورت واقعہ جي تلاوت جو معمول (Routine) بڻائڻ به رِزق ۾ اضافي جو سبب آهي. اهڙيءَ طرح صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان به رِزق ۾ اضافو ٿيندو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: اِسْتَنْزِلُوا الرِّزْقَ بِالصَّدَقَۃِ يعني صدقات جي ذريعي رزق تلاش ڪيو.[2] صبح سوير جاڳڻ (۽ فجر جي نماز ادا ڪرڻ) نعمتن ۾ اضافي جو باعث بڻجندو آهي. ماڻهن کان خوش طبعي ۽ چڱي انداز سان گفتگو ڪرڻ به رزق کي وڌائيندو آهي. پنهنجي گهر جي ماحول ۽ گهر جي ٿانون وغيره کي صاف سٿرو رکڻ رزق ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو آهن. پنجن ئي نمازن جي ادائيگي ۽ انهن ۾ خشوع ۽ خضوع، نماز جا واجبات، سنّتن ۽ آدابن جو پوري طرح لحاظ رکڻ به رزق ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو (Source) آهي. مسجد ۾ اذان کان پهريان پهچڻ رزق ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو آهي. غير مُفيد (Useless) ۽ فضول ڳالهين کان بچڻ به رزق ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو آهي. رات ڏينهن الله پاڪ کان دعا گهرڻ ڏينهن جي شروعات ۾ گهر جي اندر بِسمِ الله ۽ سورت اخلاص پڙهي وٺڻ. کائڻ کان پهريان ۽ بعد جو وضو (يعني هٿ منهن ڌوئڻ). دين جي احڪامن تي پابندي سان عمل ڪندي الله پاڪ جي اطاعت ڪرڻ. طهارت ۽ پاڪيزگي (Cleanliness) اختيار ڪرڻ. دسترخوان تي ڪِريل ٽڪرن کي چونڊي چونڊي ڪري کائڻ نمازِ تهجد پڙهندو رهڻ. توبھ جي ڪثرت ڪندو