Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
احکامِ شَرْع پر مجھے دے دے عمل کا شوق پیکر خلوص کا بنا یاربِّ مصطَفٰے![1]
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جي زندگي جو مقصد (Purpose of Life) الله پاڪ جي عبادت آهي. جيڪڏهن اسان عبادات جي لاءِ نيڪ ڪمن جي لاءِ وقت ڪڍون. پنج ئي نمازون ادا ڪيون. نوافل جو وقت به ڪڍون. تلاوتِ قرآن جي لاءِ به وقت ڪڍون. نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، علمِ دين سکڻ سيکارڻ، پڙهائڻ هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ٻين نيڪ اعمال ڪرڻ جي لاءِ وقت ڪڍون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون ۽ الله پاڪ چاهيو ته رِزقِ حلال ۾ به اضافو ٿيندو، جيئن ته حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسولِ رحمت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ الله پاڪ فرمائي ٿو: اي ابنِ آدم! منهنجي عبادت جي لاءِ پاڻ کي فارغ ڪري ڇڏ! مان تنهنجي سيني کي غنٰي (يعني مالداري) سان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي دور ڪري ڇڏيندس ۽ جيڪڏهن تون هي نه ڪندي (يعني عبادت جي لاءِ پاڻ کي فارغ نه ڪندي) ته تنهنجو هٿ ڪم ڪار سان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي دور نه ڪندس.[2]
مشهور مفسرِ قرآنِ حڪيمُ الامّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني اي ابنِ آدم! تون پنهنجي دل الله پاڪ جي عبادت ۽ اطاعت جي لاءِ خالي رکُ، دَست بَڪَار، دِل بَيَار تي عمل ڪر (يعني هٿ ڪمَ جي طرف ۽ دل ربِّ ڪائنات جي طرف رکُ ته ان جي برڪت سان الله پاڪ تنهنجي غربت، محتاجي دور فرمائي ڇڏيندو). جيڪڏهن تو پاڻ کي دنيا جي فڪرن ۾ ئي