Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
لڳائي ڇڏيو، تنهنجي دل ۾ دنيا لهي وئي ته تون ڪم گهڻو ڪندين، فڪر گهڻو ڪندين پر ملندو اهو ئي جيڪو تنهنجي مقدر ۾ آهي، تون مالدار ٿي ڪري به فقير ئي رهندين. مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: الله پاڪ کان آخرت گهرو! دنيا پاڻ ئي ملي ويندي.[1]
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حديثِ پاڪ تي اهي نادان مسلمان بار بار غور ڪن. جيڪي مال ۽ دولت جي خاطر نمازون قضا ڪري ڇڏين ٿا. گهريلو مصروفيتن جو بهانو (Excuse) بڻائي ڪري نماز قضا ڪري ڇڏينديون آهن زندگي جي اصل مقصد يعني عبادت جي لاءِ، نيڪ ڪمن جي لاءِ وقت ناهي ڪڍندي، اها بَس دنيا جي ئي ٿي ڪري رهجي ويندي آهي، الله پاڪ ان کان فقيري، محتاجي کي دور ناهي فرمائيندو، ان کي ملندو اهو ئي آهي، جيڪو قسمت ۾ لکيل آهي پر ان جي زندگي فاني دنيا جي فضول فِڪرن ۾ تباھ (Destroy) ٿي ويندي آهي ۽ اها خوش نصيب جيڪا آخرت جو فڪر ڪندي آهي، عبادت جي لاءِ وقت ڪڍندي آهي، نيڪ ڪمن جي لاءِ وقت ڪڍندي آهي، الله پاڪ ان جو سينو غِنٰي (مالداري) سان ڀري ڇڏيندو آهي، ان جي غربت، محتاجي ۽ فقيري کي دور فرمائي ڇڏيندو آهي.
ایسا کرم ہو نیکیوں میں دِل لگا کرے پڑھتا ہوں گر نَماز بھی تو بے دِلی کے ساتھ[2]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
حضرت وهب بن مُنَبّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: بني اسرائيل ۾ هڪ شخص هو،