Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِستغفار جي برڪت سان واقعي تنگدستي دور ٿيندي آهي، محتاجي ۽ غريبت کان نجات ملندي آهي. ان کان علاوه اِستغفار جا ٻيا به کوڙَ فائدا آهن، جهڙوڪ: اِستغفار جي برڪت سان دل جي ڪَٽُ (Rust) دور ٿيندي آهي.[1] گناھَ مِٽجندا آهن. اِستغفار جي برڪت سان پريشانيون دور ٿينديون آهن. مُشڪلاتن کان نجات ملندي آهي.[2] الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو چاهي ٿو ته ان جو ِ اعمالنامو کيس خوش ڪري، ته ان کي گهرجي ته پنهنجي اعمالنامي ۾ اِستغفار جو اضافو ڪري.[3]
بڑی کوششیں کی گنہ چھوڑنے کی رہے آہ! ناکام ہم یاالہٰی!
مجھے سچّی توبہ کی توفیق دیدے پئے تاجدارِ حرم یاالٰہی[4]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي به استغفار جي عادت بڻائي وٺڻ گهرجي. استغفار جي معنٰي آهي: مَغفرت جي دعا ڪرڻ. اَسْتَغْفِرُ اللہ، اَسْتَغْفِرُ اللہ پڙهنديون رهو، اَسْتَغْفِرُ اللہَ رَبِّی مِنْ کُلِّ ذَنْبٍ وَّ اَتُوْبُ اِلَیْہِ پڙهو، هي اِستغفار آهي. ان کان علاوه حديثن ۾ اِستغفار جا ٻيا به صيغه بيان ٿيا آهن. هونئن ته هلندي ڦرندي به