Rizq Main Izafa Ki Asbab

Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

جو گمان به نه هوندو.

آسمان ۽ زمين جون برڪتون ڪيئن مِلن؟

   تقوٰي جي معنٰي آهي: الله پاڪ کان ڊڄڻ، گناھن کان بچڻ. جيڪڏهن اسان تقوٰي اختيار ڪيون، الله پاڪ کان ڊڄون، گناھَ ڇڏيون، نيڪ ڪمن ۾ لڳل رهون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ئي ٿيندو. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَوۡ اَنَّ  اَہۡلَ الۡقُرٰۤی اٰمَنُوۡا  وَ اتَّقَوۡا لَفَتَحۡنَا عَلَیۡہِمۡ بَرَکٰتٍ مِّنَ السَّمَآءِ وَ الۡاَرۡضِ

(سيپارو: 9، سورة اعراف: آيت: 96)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪڏهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ تقوٰي اختيار ڪن ها پوءِ ضرور اسان انهن تي آسمان ۽ زمين مان برڪتون کولي ڇڏيون ها.

 يعني جيڪڏهن ڳوٺن وارا الله پاڪ، ان جي ملائڪَن، ان جي ڪتابَن، ان جي رسولن ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻن ها ۽ خدا ۽ رسول جي اطاعت (Obedience) اختيار ڪن ها، جنهن شيءِ کان الله پاڪ منع فرمايو، ان کان رڪجي وڃن ها ته ضرور اسان انهن تي آسمان ۽ زمين مان برڪتون کوليون ها ۽ هر طرف کان انهن کي ڀلائي پهچي ها، وقت تي فائدي مند بارشون ٿين ها، زمين مان فصل ميوا ڪثرت سان پيدا ٿين ها، رِزق ۾ اضافو ٿئي ها، امن ۽ سلامتي رهي ها ۽ آفتن (Calamities) کان محفوظ رهن ها.[1]

 معلوم ٿيو: تقوٰي جي برڪت سان آسماني برڪتون به ملنديون آهن ۽ زميني برڪتون به ملنديون آهن، الله پاڪ اسان کي تقوٰي جي دولت نصيب فرمائي.   اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1] تفسیر ِصراط الجنان ،پارہ:12،سورۂ  اعراف، زیرِ آیت:96، جلد:3،صفحہ:386۔