Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
امتحان ۾ استقامت سان ڪامياب ٿيڻ نهايت مُشڪل هوندو آهي، ڪيئي ماڻهو آهن جيڪي غُربت، محتاجي ۽ تنگدستي کان تنگ اچي ڪري الله پاڪ تي اعتراضڪرڻ لڳندا آهن، ڪُفريه جُملا بڪندا آهن ۽ اهڙا به نادان دنيا ۾ آهن جيڪي پيٽ جي باھ وسائڻ يا مال ۽ دولت جي لالچ سبب پاڻ کي ڪافر لکي ڇڏيندا آهن، پاڻ کي ڪافر لکي ڪري بيرونِ مُلڪ (Overseas) جون ويزائون به حاصل ڪيون وينديون آهن. ( اَسْتَغْفِرُ اللہ ! اَسْتَغْفِرُاللہ!)
الله پاڪ اسان جو ايمان محفوظ فرمائي، اسان کي ايمان جي کَسجڻ جي آفت کان محفوظ رکي. بهرحال! في زمانه جيترو ممڪن ٿي سگهي محتاجي کان بچڻ ۽ ڪفايت جيترو حلال رِزق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ئي عافيت (Safety) آهي.
حضرت سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏا ڪامل ولي، عالِمِ باعمل هئا، سندن آخري وقت آيو ته هڪ ٿيلهي ڪڍيائون، ان ۾ درهم ۽ دينار (يعني چاندي ۽ سون جا سِڪا) هئا، فرمايائون: هن کي راھِ خدا ۾ صدقو ڪري ڇڏيو! ماڻهن عرض ڪيو: سائين! اوهان ته مال کان بچڻ جو درس ڏيندا هئا، اوهان پاڻ مال جمع ڪيو ان ۾ ڪهڙي حڪمت (Wisdom) آهي؟ فرمايائون: مان ان جي ذريعي شيطان جي چالن (Tricks) کي ناڪام بڻائيندو آهيان، جڏهن مون کي وسوسو ڏياريندو آهي ته ڪٿان کائيندي ته مان چوندو آهيان: مون وٽ مال آهي، ان کي خرچ (Spend) ڪري وٺندُس.[1]
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! يقيناً هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن، انهن جا هي انداز اسان کي سمجهائڻ جي لاءِ ڪافي آهن. الله پاڪ اسان کي سمجھ نصيب فرمائي. بهرحال! ڪفايت جيترو حلال رزق ڪمائڻ به جائز آهي ۽ پنهنجي حالات، باطني