Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab
الله کان ڊڄي الله ان جي لاءِ نڪرڻ جو رستو بڻائي ڇڏيندو. ۽ ان کي اتان کان روزي ڏيندو جتان ان جو گمان به نه هوندو ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪري اهو ان کي ڪافي آهي.
دے حُسنِ اَخلاق کی دولت کر دے عطا اِخلاص کی نِعمت
مجھ کو خزانہ دے تَقویٰ کا یااللہ! مری جھولی بھر دے[1]
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو: تقوٰي اختيار ڪرڻ سان به رِزق ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! ڪهڙيون ته برڪتون آهن جو جيڪو پرهيزگاري اختيار ڪندو آهي، ان کي رِزق اُتان ڏنو ويندو آهي، جتان ان جو گمان به نه هجي.
ڪڏهن ڪڏهن اسان سان ائين ٿي ويندو آهي، سڀئي دروازا بند ٿي ويندا آهن، مثال طور پيسن جي سخت ضرورت آهي، ڪم ڪٿان نٿو ٿي. گهر واري جي نوڪري هئي، ختم ٿي وئي، ٻارَ بُکَ ۾ تڙپي رهيا آهن. ڀاءُ کان اوڌر گهري، ان مدد نه ڪئي. سهيلن کان مدد گهري، انهن به نه ڪئي. سڀئي ئي دروازا بند، ڪا سمجھ نه ٿي اچي، ڪيون ته ڇا ڪيون، رِزق جو دروازو کُلي ته ڪٿان کُلي، اهڙي موقعي تي انسان هزار رستا تلاش ڪندو آهي پر ان کي ڪو رستو نظر ئي ناهي ايندو، ڪو طريقو ناهي ملندو، اچو! قرآنِ ڪريم جي طرف، قرآنِ ڪريم اسان کي رستو ڏيکاريو آهي، اهو ڪهڙو آهي؟ قرآن چوي ٿو: تقوٰي اختيار ڪيو! الله پاڪ توهان کي اتان کان رِزق عطا فرمائيندو، جتان توهان