Book Name:Meraj Ke Mushahdat
رُسُل اور انبیاء کے بعد جو افضل ہو عالَم سے یہ عالَم میں ہے کس کا مرتبہ، صِدِّیقِ اَکبر کا([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
معراج واري سفر جي ڀلاري رات آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گذر هڪ اهڙي شخص وٽان ٿيو جيڪو عرش جي نور ۾ لڪيل هو. پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هي ڪير آهي، ڇا ڪو فرشتو آهي؟ چيو ويو: نه. فرمايو: ڪو نبي آهي؟ چيو ويو:نه. پڇيو:پوءِ هي ڪير آهي؟ ٻڌايو ويو: هي اهو شخص آهي جو* دنيا ۾ اُن جي زبان ذڪر الٰهي سان تَر رهندي هئي * هن جي دل مسجدن ۾ لڳل هوندي هئي ۽ * هي ڪڏهن پنهنجي والدين کي بُرو چورائڻ يا انھن جي بي عزتي ڪرائڻ جو سبب نه بڻيو. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! هن روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته ذڪر الاهي جي گهڻائي، مسجدن سان محبت، والدين جي لاءِ برائي جو سبب بڻجڻ کان بچڻ، هي ٽئي عمل الله رب العزت جي بارگاهه ۾ گهڻو ئي محبوب آهن. هن روايت ۾ انهيءَ ڳالهه جي ترغيب موجود آهي ته * انسان گارگند *ويڙهه جهيڙو * نشي بازي * جُوا وغيره ڪنھن به اهڙي ڪم جو هرگز مرتڪب نه ٿئي جو ان جي والدين لاءِ طعناً مهڻن جو سبب بڻجي ۽ حشر جي ڏينھن خود ان کي شرمندگي جو سامنو ڪرڻو پئي.
معراج واري رات پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجهه اهڙن مردن ۽ عورتن وٽان گذريا جيڪي پنهنجي ڇاتيءَ ساڻ لڙڪيل هئا. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: