Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

ٻاهران نظر پئي آيا، مون پڇيو: اي جبريل! هي ڪير ماڻهو آهن؟ ٻڌايو ويو: هي وياج خور آهن. ([1])

 مشهور مُفسر قرآن، حڪيمُ الاُمَّت حضرت علامه مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث جي شرح ڪندي فرمائن ٿا: ڇو ته وياج خور ھَوَس وارو ٿيندو آهي جو کائيندو ٿورو آهي حرص ۽ ھَوَس گهڻي ڪندو آهي، انهيءَ ڪري انھن جا پيٽ واقعي ڪوٺِڙين وانگر هوندا، ماڻهن جو مال جيڪو ظلم ڪندي کسيو هيائون اهو نانگ وڇُن جي شڪل ۾ نمودار ٿيندو، اڄ جيڪڏهن ڪو معمولي جيت پيٽ ۾ پيدا ٿي وڃي ته تندرستي بگڙي ويندي آهي، ماڻهو بي قرار ٿي ويندو آهي ته سمجهي وٺو ته جڏهن ان جو پيٽ نانگن، وڇن سان ڀرجي ويندو ته ان جي تڪليف ۽ بي قراري جو ڇا حال هوندو...؟ رب جي پناهه!. ([2])

چھوڑ دو اے تاجرو! کم تولنا                                                                                                        جُھوٹ چھوڑو بیچنے میں بولنا

سُود و رِشوت میں نحوست ہے بڑی                                                                      اور دوزخ میں سزا ہوگی کڑی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(6):ڪنڊي ڌار گاھه ۽ ٿوهر کائڻ جو عذاب

پيارا اسلامي ڀائرو! معراج واري رات الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙي ماڻهن وٽ تشريف کڻي آيا جن جي اڳيان پويان ٽڪڙا ليڙون ليڙون ڪري لڙڪي رهيا هئا ۽ اهي چوپائين وانگر چرندي ڪنڊي ڌار گاھه، ٿوهر (هي هڪ ڪنڊي وارو ۽ زهريلو ٻوٽو جنهن جا پنَ ساوا ۽ گل رنگ برنگي


 

 



[1]...ابنِ ماجہ ،کتاب التجارات،باب التغلیظ فی الربا،صفحہ:363 ،حدیث:2273۔

[2]...مِراٰۃ المناجیح،جلد:4 ،صفحہ:259۔