Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

نہ کرنا حَشْر میں پُرسش مِری ہو بے سبب بخشش                                  عطا کر باغِ فردوس از پئے شاہِ اُمَم مولیٰ!

تُو ڈر اپنا عنایت کر، رہیں اس ڈر سے آنکھیں تر                             مِٹا خوفِ جہاں دل سے مِٹا دنیا کا غم مولیٰ!

تُو بس رہنا سدا راضی، نہیں ہے تابِ ناراضی                                   تُو نا خوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

معراج شريف جي چند مشاهدن جو بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! معراج شريف جي هڪ حڪمت بيان ٿي:

لِنُرِیَہٗ مِنْ اٰیٰتِنَا ؕ        (پارہ:15 ،سورۂ بنی اسرائیل:1)

 ترجموڪنْزُالعرفان: اسان ان کي عظيم نشانيون ڏيکاريون

قدرت جون اهي ڪهڙيون ڪهڙيون نشانيون آهن، جيڪي رسول اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معراج واري رات ڏٺيون، يقيناً انهن جو مڪمل تفصيل ته بيان نٿو ٿي سگهي، اچو! ان باري ۾ ڪجهه روايتون ٻڌون ٿا:

(1) موتين مان ٺهيل گنبذ جهڙا خيما

حضرت عباده بن صامت رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: معراج جي رات رسول مختار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنت ۾ موتين مان ٺهيل گنبذ جهڙا خيما ملاحظه فرمايا جِن جي مٽي مشڪ جي هئي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان دريافت فرمايو: لِمَنْ ہٰذَا یَا جِبْرِیْل يعني اي جبريل! هي ڪنهن جي لاءِ آهن؟ عرض ڪيو: اي مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي توهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمت جي آئِمه (امام جو جمع) ۽ مُؤَذِّنن جي لاءِ آهن. ([1])


 

 



[1]...المسند للشاشی،مسند عبادۃ بن الصامت ،جلد:3 ،صفحہ:322 ،حدیث:1428۔