Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

اَمين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جيڪو اک ڇَنڀ ۾ سِدْرَه کان زمين، زمين کان سِدْرَه تائين پهچي ويندو آهي، اهو هن رات ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ساٿ نه ڏئي سگهيو، جڏهن ناز ۽ انداز سان سير ڪندي هلڻ جو هي عالم آهي ته پاڻ سڳورن        صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تيز رفتاري جو عالم ڇا هوندو...!!

تیرا وَصف بیاں ہو کس سے، تیری کون کرے گا بڑائی

اس گردِ سَفَر میں گُم ہے جبریلِ امیں کی رسائی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

آيتِ معراج جي وضاحت

سيپاري: 15، سورہ بني اسرائيل، آيت: 1 ۾ الله جَلَّ شَانُہٗ فرمائي ٿو:

سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ  اَسْرٰی بِعَبْدِہٖ لَیْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ  اِلَی الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِیْ بٰرَکْنَا حَوْلَہٗ  لِنُرِیَہٗ مِنْ اٰیٰتِنَا ؕ     (پارہ:15 ،سورۂ بنی اسرائیل:1)

ترجموڪنزالعرفان: پاڪائي آهي ان کي جيڪو پنهنجي ٻانهي کي راتون رات وٺي ويو مسجد حرام کان مسجد اقصي تائين. جنهن جي آسپاس اسان برڪت رکي ته اسان اُن کي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون

هن آيتِ ڪريمه ۾ پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سَفَر مِعراج جي هڪ حصي يعني مڪي مڪرمه کان مسجدِ اقصيٰ تائين جو ذڪر آهي.

اعليٰ حضرت جي شاگرد جو علمي شان

هي آيتِ ڪريمه جيتوڻيڪ مختصر آهي، جيتوڻيڪ هن ۾ پياري آقا مِعراج جي گهوٽ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ايڏا ڪمالَ جا شانَ بيان ٿيا آهن جو واه سُبْحٰنَ اللہ!