Book Name:Meraj Ke Mushahdat
گهڻو عرصو پهريان هند (هندوستان) جي ڪنهن علائقي ۾ رجب شريف(يعني شب معراج) جي سالياني محفل ٿيندي هئي ۽ هر سال اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا شاگرد علامه ظفر الدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان لاءِ تشريف کڻي ايندا هئا، سندن معمول اهو هو ته هر سال هن آيتِ ڪريمه جي صرف هڪ ئي لفظ جي باري ۾ بيان فرمائيندا هئا، مثال طور پهرين سال پاڻ صرف سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ جي وضاحت فرمائي، ٻي سال لفظ اَسْرٰی ' جي، ٽين سال بِعَبْدِہٖ جي، ايئن پاڻ 12 سالن ۾ هن آيتِ ڪريمه جي تشريح مڪمل فرمائي، هر سال تقريبًا 2 ڪلاڪ جو بيان هوندو هو. ان مان اندازو لڳايو! هن آيتِ ڪريمه جي هڪ هڪ لفظ ۾ ڪيترا علم جا موتي آهن. علامه ظفر الدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي انهن بيانن مان چند هڪ تحريري صورت ۾ ڇَپيل ملي ويندا آهن، اهڙو ڪمال ايمان اَفروز، عشق رسول سان ڀرپور، علمي نڪتا آهن جو پڙهي ڪري ايمان تازو ٿي ويندو آهي.
خير! هي آيتِ ڪريمه گهڻو وسيع آهي، هن جون معنائون ته ايتريون آهن جو ختم ئي ناهن ٿينديون، اسان اڄ جي هن بابرڪت موقعي تي هن آيتِ ڪريمه جي هڪ حصي جي مختصر وضاحت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
الله پاڪ محبوب رَبِّ اَڪْبَر، شاھ خشڪ و تر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سفرِ معراج جي هڪ حڪمت بيان ڪندي فرمايو:
لِنُرِیَہٗ مِنْ اٰیٰتِنَا ؕ (پارہ:15، سورۂ بنی اسرائیل:1)
ترجموڪنْزُالعرفان: ته جيئن اسان اُن کي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون
يعني الله ڪريم پنهنجي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي معراج انهيءَ ڪري ڪرايو ته جيئن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجيون نشانيون ۽ قدرت جا عجائبات (انوکا راز) ڏسيا وڃن.