Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

مالڪ کي ان جي ملڪيت ڏسي وئي

پيارا اسلامي ڀائرو! محبوب رَبِّ اَڪْبَر، شاھ خشڪ و تر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي نشانيون (مثال طور جنت ۽ دوزخ، عرش ۽ ڪرسي، لوح ۽ قلم وغيره) ڇو ڏسيون ويون؟ ان حوالي سان مشھور مفسر قرآن، حڪيمُ الاُمت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏو ايمان افروز مدني گل ڏنو آهي، فرمائن ٿا: عرش ۽ فرش ۽ تمام عالَم حُضُور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا فرمايا ويا آهن، انهيءَ ڪري جنت جي دروازي، پَن پَن، ڏاري ڏاري تي لکيل آهي: لَآا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہ يعني تمام شيون قدرت جي ڪارخاني ۾ بڻيل ۽ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ملڪيت ۾ ڏنيون ويون آهن. لهٰذا ڪريم رَبَّ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي معراج تي گهرايو ۽ سڀ ڪجهه ڏيکاري ڇڏيو. ([1])

کونین بنائے گئے سرکار کی خاطِر                                                           کونین کی خاطِر تمہیں سرکار بنایا

کنجی تمہیں دِی اپنے خزانوں کی خُدا نے                                    محبوب کِیا، مالِک و مختار بنایا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حبيب ۽ خليل جو فرق

          اي عاشقانِ رسول! هتي حبيب ۽ خليل جو فرق ڏسي وٺو! حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم الله پاڪ جا خليل آهن، وڏي مرتبي وارا نبي آهن، اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پوءِ سڀ نبين ۽ رسولن ۾ مٿانھون درجو سندن جو آهي، حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي به معراج ٿيو، سندن کي زمين ۽ آسمان جي بادشاهي ڏيکاري وئي، پاڻ پٿر جي هڪ ڇِپَ تي بيٺا، حڪم ٿيو: اي


 

 



[1]...شانِ حبیب الرحمٰن من آیات القرآن ،صفحہ:107 بتغیرٍ قلیل۔