Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

سُبْحٰنَ اللہ! رضاءِ الٰهي جي لاءِ اذان ڏيڻ ۽ امامت ڪرڻ جي ڇا ته فضيلت آهي جو الله پاڪ انهن لاءِ جنت ۾ موتين مان ٺهيل خيما تيار ڪري رکيا آهن.

آذان ڏيڻ جون فضيلتون

* مديني جي تاجدار، ٻنهي جهانن جي مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ثواب ڪارڻ اَذان ڏيڻ وارو اُن شهيد وانگر آهي جيڪو رَت ۾ لٿڙيل آهي ۽ جڏهن مرندو ته قبر ۾ ان جي جسم ۾ ڪيڙا نه پوندا. ([1]) * مديني جي سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشاد آهي: جنھن پنج ئي وقتن جي اَذان ايماني بنياد تي ثواب جي نيت سان ڏني ان جا جيڪي گناهه پهرين ٿيا آهن مُعاف ٿي ويندا. ([2])

          الله پاڪ اسان کي به ثواب جي نيت سان اَذان ڏيڻ، اقامت چوڻ ۽ پنج ئي نمازون مسجد ۾ جماعت تَڪبير اُولٰي سان گڏ ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

(2):شان صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ

 معراج واري رات پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنت ۾ تشريف کڻي آيا ته ريشم جي پردن سان سجايل هڪ محل ڏسي ڪري پڇائون: اي جبريل! هي ڪنهن جي لاءِ آهي؟ عرض ٿيو: حضرت صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي لاءِ آهي([3])

سُبْحٰنَ اللہ! عاشقِ اڪبر، حضرت صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جو ڇا شان آهي.

بیان ہو کس زباں سے مرتبہ صِدِّیقِ اَکبر کا                                       ہے یارِ غار، محبوبِ خُدا صِدِّیقِ اَکبر کا


 

 



[1]...الترغیب و الترہیب،کتاب الصلاۃ ،الترغیب فی الاذن…الخ،صفحہ:95 ،حدیث:24۔

[2]...کنز العمال،کتاب الصلاۃ ،قسم الاقوال،جز:7 ، جلد:4 ،صفحہ:279 ،حدیث:20902۔

[3]...الریاض النضرۃ،الباب الاول فی مناقب ابی بکر،الفصل الحادی عشر،جز:1 ،صفحہ:158۔