Book Name:Meraj Ke Mushahdat
”فيضانِ حديث“ موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للّٰہ! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به مختلف انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي انهيءَ سلسلي ۾ دعوت اسلامي جي آءِ ٽي ڊيپارٽمينٽ ڪجهه عرصو پهرين موبائل ايپلي ڪيشن فيضانِ حديث جي نالي سان لائونچ ڪئي هئي هاڻ ان ۾ وڌيڪ 2 ڪتابن ۽ بهترين فيچرز جو اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن جي ذريعي * مطالعي دوران اهم ڳالهه لکڻ جي سهولت *مطالعي ۾ دلجمعي جي لاءِ Resume جي سهولت *روزانو هڪ حديث سان دلين کي روشن ڪيو* وڌيڪ حديث، ترجمي ۽ شرح جي ڳولها ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه شامل ڪيو ويو آهي.
اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪيو! پاڻ به حديث پاڪ جو فيضان ماڻيو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو سکون ٿا:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)
مسئلو: وضو کان پوءِ ڪپڙا بدلڻ سان وضو ناهي ڀڄندو.
وضاحت: * عوام ۾ مشهور آهي ته ڪپڙا بدلي ڪرڻ يا ستر (اُگهڙ) کلي وڃي ته وضو ڀَڄي پوندو آهي. ايئن نه آهي. وضوءَ کان پوءِ ڪپڙا لاهڻ سان وضو ناهي ڀڄندو ۽ نه ستر کلڻ سان وضو ڀڄندو آهي * البته بغير وجهه جي ستر کولڻ ته ماڻهن جي نظر پوي گناهه آهي، مرد جي لاءِ دُن کان وٺي گوڏن جي هيٺ تائين سڄو جسم ستر آهي. ([1])