Book Name:Meraj Ke Mushahdat
علماءِ ڪرام وڏي پياري ڳالھ لکن ٿا: الله ڪريم فرمايو:
اَسْرٰی بِعَبْدِہٖ (پارہ:15 ،سورۂ بنی اسرائیل:1)
ترجموڪنْزُالعرفان: پنهنجي ٻانهي کي وٺي ويو
هن جڳھه تي لفظ عبد کان پهرين با زِير بِ آهي، هن جڳھه تي هن با جي معنيٰ آهي: مُصَاحَبَتْ (يعني رفيق، ساٿي هجڻ) يعني * هن سفر مبارڪ ۾ الله پاڪ جون خصوصي عنايتون، مدد ۽ نصرت ۽ لطف ۽ ڪرم معراج واري گهوٽ، سَيِّدُ الْاَنْبِيَاء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ رهيو * الله پاڪ سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مسجد حرام کان وٺي ويا * پوءِ تمام جڳهن جو سير ڪرايو * قدرت جا عجائبات ۽ نشانيون ڏسي ڪري * دَنٰي واري مقام تي فائز فرمائي ڪري * محبوب سان راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪري * اَوَّلِين ۽ آخرين (يعني سڀني اڳين پوئين) جو علم عطا فرمائي ڪري * حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سلام ۽ رحمت ۽ برڪت ۽ اُمتين جي لاءِ 5 نمازن جو تحفو عطا فرمائي خير ۽ خوبي سان مڪي مڪرم تائين پهچائي ڇڏيو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي حبيب ۽ خليل جو فرق...!! حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي زمين ۽ آسمان جي بادشاھي ڏيکاري وئي پر ڪيئن؟ زمين تي، پٿر جي ڇِپَ ٿي بيهاري ڪري، يقيناً اهو به بلند شان آهي، پر محبوبِ ڪريم، رَؤفٌ رَّحِيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي آسمان تي گهرائي ڪري سڀ ڪجهه ڏيکاريو ويو، هي شان سڀ کان نرالو شان آهي.
معراج ہوئی تا عرش گئے حق تم سے مِلا تم حق سے مِلے