Book Name:Meraj Ke Mushahdat
بے عدد اور بے عدد تسلیم بے شمار اور بے شمار دُرود ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! معراج اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو عظيمُ الشان، نرالو ۽ حيران ڪندڙ معجزو آهي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مڪي مڪرمه مان هليا، مسجدِ اَقْصيٰ پهتا، پوءِ ستن آسمانن ۽ جنت جو سير، جهنّم جا مشاهدا ۽ سڀ کان اهم اهو ته رَبِّ ڪائنات جو جاڳندي اکين سان ديدار ڪري رات ئي رات ۾ واپس تشريف کڻي آيا، اڃان بستر مبارڪ گرم هو، ڪُنڊي هِلي رهي هئي ۽ وُضو جو پاڻي وهيو پئي.
الله پاڪ رحمتون نازل فرمائي اعليٰ حضرت عظيمُ البرڪت پاڻ وڏي سهڻي ڳالھ چيائون؛ فرمائن ٿا:
عرش کی عقل دنگ ہے، چَرْخ میں آسمان ہے
جانِ مُراد اب کِدھر ہائے تِرا مکان ہے
شانِ خُدا نہ ساتھ دے، اُن کے خِرام کا وہ باز
سدرہ سے تا زمیں جسے نرم سی اِکْ اُڑان ہے ([2])
وضاحت: (معراج جو معجزو فلسفين جي سمجهه ۾ ڪٿي ٿو اچي، هي ته اهو مبارڪ معجزو آهي جو) عرش به حيران آهي، آسمان به چڪرائي رهيو آهي ته اي جانِ عالم (ڪُل جهان جي جان)! اي جان تمنّا! ست آسمان پوئتي رهيا، عرش ۽ ڪرسي به هيٺ رهجي ويا، هاڻ توھان جو قيام ڪٿي هوندو؟ الله پاڪ جو شان ڏسو! هن رات جي سفر کي قرآن ڪريم سَيْر فرمايو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناز ۽ انداز سان سَيْر ڪندي هلڻ جي رفتار جو اهو عالم آهي جو جبريل