Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

ابراهيم! هيٺ ڏسو! ڏٺائين ته ست ئي زمينون ۽ انهن ۾ موجود قدرت جون نشانيون نظر اچي ويون، وري حڪم ٿيو: مٿي ڏسو! پاڻ مٿي ڏٺائون ته ست ئي آسمان نِهاري ورتائون. ([1]) الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ کَذٰلِکَ نُرِیْۤ  اِبْرٰھِیْمَ مَلَکُوْتَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ  (پارہ:7،سورۂ انعام: 75)

ترجموڪنْزُالعرفان: ۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ڏيکاري.

   هي حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي معراج هئي پر حبيب ۽ خليل جو فرق ڏسو! حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي آسمان ۽ زمين جي بادشاھت ڏيکارڻ منظور ٿيو ته هڪ پٿر تي بيهاري ڏسيو ويو پر جڏهن وارو آيو پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ته * جنت سينگاري وئي * آسمان ۽ زمين ۾ خوشيون رچايون ويو * حضرت جبريل اَمين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرشتن جي ڄڃ وٺي ڪري، جنتي سواري بُراق ساڻ ڪري حاضر ٿيو * ۽ الله پاڪ پنهنجي محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي آسمانن تي بلڪه ستن آسمانن کان به مٿي گهرايو ۽ پنهنجي قدرت جون عظيم نشانيون ڏيکاريون، اِهي آهن حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا شانَ...!!

قربان میں شان و عظمت پر، سوئے ہیں چین سے بستر پر

جبریلِ امیں حاضِر ہو کر معراج کا مژدہ سُناتے ہیں

اللہ کی رحمت سے سَرور جا پہنچے دنیٰ کی منزل پر

اللہ کا جلوہ بھی دیکھا، دِیدار کی لذّت پاتے ہیں ([2])


 

 



[1]...تفسیرِ صراط الجنان،پارہ:7 ،سورۂ انعام،زیرِ آیت:75 ،جلد:3 ،صفحہ:141-142 بتغیرقلیل۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:286۔