Meraj Ke Mushahdat

Book Name:Meraj Ke Mushahdat

تي به ڪرم نوازي جو هڪ پهلو آهي. امام فخرالدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  وڏو ايمان افروز نڪتو لکيو آهي، سندن فرمان جو خلاصو آهي: جڏهن ڪا شيءِ اچانڪ ماڻهوءَ جي سامهون ايندي آهي، توڙي جو انسان کي پهريان کان ان جو علم هجي، ان کي ڄاڻيندو به هجي پر ڪجهه دير جي لاءِ انسان جي دل ان ۾ مشغول ٿي ويندي آهي، توجهه هٽندي آهي، رسول رحمت، شفيع اُمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنت ۽ ان جي نعمتن جو به علم رکندا آهن، دوزخ ۽ اتي جي عذابن جو به علم رکندا آهن پر الله پاڪ قيامت اچڻ کان پهريان ئي کين جنت ۽ دوزخ جا هولناڪ منظر ڏسيا، ته جيئن قيامت جي ڏهاڙي جنت دوزخ کي سامهون آندو وڃي ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دل انهن ڏانهن مشغول نه ٿئي جيتوڻيڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پوري توجهه پنهنجي غلامن ڏانھن رهي ۽ انهن جي شفاعت ۾ مَصروف هجن. ([1])

مِعْراج کی شَب تو یاد رکھا، پھر حشر میں کیسے بھولیں گے

عطّار اسی اُمّید پہ ہم دِن اپنے گزارے جاتے ہیں

    اللہُ اَکْبَر! ڪمال ئي ڪمال آهي، الله ڪريم ۽ ان جا پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان گنهگارن جو ڪيتري حد تائين احساس فرمائيندا آهن پر افسوس اسان گنهگار آھيون جو * اسان کي پاڻ ئي پنهنجو فڪر ناهي * اسان پنهنجي مغفرت ۽ بخشش جو فڪر ناهيون ڪندا * چاهيندي يا نه چاهيندي نفس ۽ شيطان جي چنبي ۾ ڦاسي پوندا آهيون * گناهن ۾ مشغول هوندا آهيون. الله پاڪ اسان کي عقل سليم عطا فرمائي. ڪاش! اسان الله پاڪ جا شڪر گذار ٻانها ۽ گناهن کان بچندي، نيڪين واري زندگي گذاريون.


 

 



[1]...تفسیرِ کبیر،پارہ:15 ،سورۂ بنی اسرائیل،زیرِ آیت:1 ،جلد:7 ،صفحہ:297۔