Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
هي ٻنهي ڳالهين جو بيان ٿي ويو۔ حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ۽ سندن اهلِ خانه جڏهن هي سخاوت ڪري رهيا هئا، انهن جي حالت اهڙي هئي جو انهن ٽن ڏينهن جا روزا رکيا، ٽئي ڏينهن کاڌو حاضر ڪيو ويو، اهڙي حالت ۾ کين کاڌي جي ڪيتري حاجت ۽ خواهش هوندي آهي، اڄڪلهه رمضان المبارڪ آهي، اسان به روزا رکندا آهيون، افطار جي وقت اسان ان جو اندازو ڪري سگهون ٿا، قربان وڃو! حيدر جي گهراڻي سخاوت ڪئي، مانيون ايثار ڪيون ۽ اهي به ڪنهن وقت، ڪهڙي حالت ۾، جڏهن ته انهن کي پاڻ کائڻ جي سخت حاجت هئي. پنهنجو پيٽ ڀريل هجي پوءِ انسان سخاوت ڪري ته اها ڳالهه آسان آهي پر پنهنجو پيٽ ڪاٽي (يعني پاڻ بکيو رهي ڪري) ٻي کي کارائي ڇڏڻ اها مشڪل ڳالهه آهي، حيدر جي گهراڻي جي سخاوت جو اهو شان آهي ته انهن کي پاڻ حاجت آهي، پاڻ کي ضرورت آهي پر هي پنهنجي حاجت ۽ ضروريات کي پٺيان رکندا آهن ۽ ٻين کي کارائي ڇڏيندا آهن.
پوءِ هي ڏسو! ته انهن کي هن سخاوت تي آماده ڪنهن شيءِ ڪيو؟ ڇا هي مَعَاذَ اللَّهِ! شهرت چاهين پيا، ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي محبت ۽ مقام وڌائڻ چاهين پيا؟ پنهنجي تعريفن جا خواهشمند هئا؟ نه...! هرگز نه...!! الله پاڪ فرمايو:
عَلٰی حُبِّہٖ
(پارہ:29، سورۀ دھر :8)
ترجمو ڪنزالعرفان: ان جي محبت ۾
مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي گھراڻي وارا، هي پاڪ ماڻهو ٽي ڏينهن پاڻ پاڻي سان افطار ڪري، مسڪين، يتيم ۽ قيدي کي کاڌو کارائي رهيا هئا۔
ان جو سبب ڇا هو؟ الله پاڪ جي محبت...!! هيءَ اهڙي شاندار سخاوت الله پاڪ جي محبت ۾، ان جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا هئا۔
سُبْحٰنَ اللَّه! هن کي چوندا آهن سخاوت...!! اهو هوندو آهي ايثار...!! اسان پهرين ته سخاوت ڪريون ئي ڪڏهن ٿا؟ جيڪڏهن ڪندا به آهيون ته پهريان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندا آهيون، پوءِ ٻين جي طرف ڌيان ويندو آهي. وري جڏهن ڪجهه ٻين کي ڏيندا به آهيون ته رياڪاري، ڏيکاءُ، خودپسندي ۽ نه ڄاڻ ڪهڙين ڪهڙين باطني بيمارين ۾ وڪوڙجي ويندا آهيون.