Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

ايمان افروز سخاوت جو بيان آهي، روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيرو حضرت حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما بيمار ٿي پيا، جنهن تي سندن والد صاحب حضرت علي شيرِ خدا، انهن جي والدہ حضرت فاطمةالزهرا ۽ خادمه حضرت فضّه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم منت (باس) باسي ته الله پاڪ شهزادن کي صحت عطا فرمائيندو ته اسان 3 روزا رکنداسين.

جيئن ته الله پاڪ جو ڪرم ٿيو، ٻنهي شهزادن کي صحت نصيب ٿي، پوءِ منّت(باس) پوري ڪرڻ لاءِ ٽنهي 3 روزا رکيا. حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا     رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ 3 صاع جَو آندا، پهريون روزو رکيو، إفطار لاءِ هڪ صاع (يعني تقريباً 4 ڪلو جَو) جون مانيون ٺاهيون ويون، افطار جو وقت ٿيو ته ٽنهي روزيدارن جي سامهون مانيون رکيون ويون، افطار جو انتظار ڪيو پئي ويو ته دروازي تي هڪ مسڪين حاضِر ٿيو، ان ماني جو سوال ڪيو، سخي گهراڻو هو، در تي آيل سوالي هٿين خالي وڃي اهو پسند نه هو، تنهنڪري اهي سڀئي مانيون ان مسڪين کي ڏئي ڇڏيون ۽ پاڻ ٽنهي پاڻي سان روزو افطار ڪيو. اڳين ڏينهن ٻيهر افطار جو وقت ٿيو، هڪ صاع (يعني تقريباً 4 ڪلو) جَو جون مانيون بڻايون ويون، دسترخوان تي رکيون ويون، افطار جو انتظار ڪيو پئي ويو، اڄ هڪ يتيم دروازي تي آيو، ان به ماني جو سوال ڪيو، سخي گهراڻي اڄ به سڀئي مانيون يتيم کي ڏئي ڇڏيون، پاڻ پاڻي سان افطار ڪري ڇڏيو. ٽيون ڏينهن آيو، وري هڪ صاع (تقريباً 4 ڪلو) جَو جون مانيون بڻايون ويون، دسترخوان تي رکيون ويون، ٽئين ڏينهن به هڪ سوالي آيو، الله! الله! قربان وڃو! حيدر جي گهراڻي جي ڪيتري ڪمال سخاوت آهي، انهن حضراتِ عالي وقار ٽئين ڏينهن به صبر ڪيو ۽ سڀئي مانيون سوالي کي عطا ڪري پاڻ پاڻي سان افطار ڪري ورتو. ([1])

بھوکے رہ کے خود اَوروں  کو کھلا دیتے تھے                           کیسے صابِر تھے محمد کے گھرانے والے

اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! هي ڪهڙو ايثار آهي، ڪهڙي نرالي سخاوت آهي! اهلِ بيتِ اطهار جو پاڪ گھراڻو، ٽي ڏينهن جا روزا، ٽي ڏينهن مانيون بڻجون، ۽ ٽي ڏينهن سوالي آيو. انهن پاڪ حضرات ٽئي ڏينهن پنهنجون سڀئي مانيون صدقو ڪري پاڻ پاڻي سان روزو افطار ڪيائون.


 

 



[1]...تفسیر خزائن العرفان ،پارہ:29 ،سورۂ دہر ،زیرِ آیت:7 ،صفحہ:1073خلاصۃً ۔