Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
نرمي پيدا ڪرڻي پوندي، دوستن کي برن عملن کان بچائڻو آهي ته پنهنجي اندر نرمي پيدا ڪرڻي پوندي، پنهنجي آفس وارن کي سنتن ڀري اجتماع ۾ وٺي اچڻو آهي ته پنهنجي اندر نرمي پيدا ڪرڻي پوندي، پنهنجي ملازمن کي پنهنجو بڻائڻو آهي ته پنهنجي اندر نرمي پيدا ڪرڻي پوندي، مدني قافلو مدني انعامات، مدرسة المدينه بالغان ۽ ٻين مدني ڪمن جي لاءِ اسلامي ڀائرن جو ذهن بڻائڻو آهي ته پنهنجي اندر نرمي پيدا ڪرڻي پوندي. ياالله! پاڪ توکي تنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي مسڪرائڻ جو واسطو اسان کي نرمي عطا فرماءِ.
هن ڳالھ جو مشاهدو آهي ته جيڪو شخص سخت مزاج هوندو آهي ماڻهو ان جي ويجھو اچڻ، ڳالھ ڪرڻ کان لهرائيندا آهن ۽ اهڙي سخت مزاج افراد کي معاشري ۾ عزت جي نگاھ سان ناهي ڏٺو ويندو ۽ ان جي باري ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن ته ”ادا! فلاڻي کان بچي رهجان، گھڻو سخت مزاج آهي“، ”ننڍين ننڍين ڳالهين تي سڀني جي سامهون ذليل ڪندو آهي“ ”هر وقت ڪاوڙ ۾ منهن سڄائي رهندو آهي“ ”ان جي رعب (fear) جي ڪري گهرواري ٻار ٻچا ان سان گڏ ناهن ويهندا“ وغيره وغيره۔ ٿورو غور ڪريو ته ڪٿي اسان جي باري ۾ به ماڻهن جا اهي تاثرات ته ناهن هوندا؟ ڪٿي اسان به ماڻهن تي اجائي سختي ڪري پاڻ کان مُتَنَفِّر (يا پري) ته نه پيا ڪريون؟ ڪٿي اسان جا ٻار ٻچا به اسان جي شفقت ۽ محبت سان محروم ته نه رهجي ويا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته اڄ ئي کان پنهنجي مزاج ۾ نرمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ڇوته جنهن جي دل نرم هوندي آهي ان جي عزت ۾ اضافو ٿيندو آهي، جيئن