Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
مجھے تم یَارَسُوْلَاللہ دے دو جذبَۂ تبلیغ شہا! دیتا پھروں نیکی کی دعوت یَارَسُوْلَاللہ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! اسان جا بزرگ سڳورا ڪهڙي نموني نرم دلي جو مظاهرو ڪندا هئا جو سامهون واري جي سخت انداز ۽ تيز جملا ٻڌي به ڪڏهن ڪاوڙ ۾ نه ايندا هئا بلڪ صبر ۽ تحمل سان ڪم وٺندي حسنِ اخلاق جو مظاهرو ڪندا هئا اهو ئي سبب هو جو انهن جون ڳالهيون ماڻهن جي دل ۾ ويهي رهنديون هيون۔ ياد رکو! مٺي زبان ۾ خرچ ڪجھ ناهي ٿيندو پر ان سان نفعو گھڻو ٿيندو آهي، جڏهن ته سخت زبان استعمال ڪرڻ ۾ سراسر نقصان ئي نقصان آهي۔ ڪنهن ڪهڙي نه پياري ڳالهه ڪئي آهي ته طوطو مرچ کائي به مٺا ٻول ٻولندو آهي ۽ انسان مٺو کائي به ڪڙيون ڳالهيون ڪندو آهي.
اها حقيقت آهي ته مزاج جي خلاف ڳالھ ٻڌڻ تي غصو اچي ويندو آهي پر ان وقت جوش سان ڪم وٺڻ بدارن هوش سان ڪم وٺندي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي۔ اچو! هن باري ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو هڪ واقعو ٻڌو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مدني گلن کي پنهنجي دل جي گلدستي ۾ سجائي وٺو، جيئن ته
هي اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن دعوتِ اسلامي جو هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع دعوتِ اسلامي جي پهرين مدني مرڪز ”گلزارِ حبيب مسجد