Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
جو سبب به بڻجي ٿو۔حضرت سيدُنا عبدالله بن عباسرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْهما بيان ڪن ٿا ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: مَنْ شَبِعَ وَنَامَ قَسٰي قَلْبُه يعني جيڪو پيٽ ڀري کاڌو کائي ۽ سمهي پوي ته ان جي دل سخت ٿي ويندي آهي۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: لِکلِّ شَيءٍ زَکاةٌ وَزَکاةُ الْبَدَنِ الْجُوْع يعني هر شيء جي زڪوٰة ٿيندي آهي ۽ بدن جي زڪوٰة بکايل رهڻ آهي۔(ابن ماجه،ڪتاب الصيام،باب في الصوم زڪاة الجسد،۲/ ۳۴۷،حديث:۱۷۴۵بتغير)
نرمي پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو هي به آهي ته بُرن ماڻهن جي صُحبت کان پري رهو ۽ نيڪ پرهيزگار ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريو۔ مُفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا : ”جيئن لوھ (Iron) نرم ٿي اَوزار ۽ سون (Gold) نرم ٿي زيور ۽ مٽي نرم ٿي فصل يا باغ، اٽو نرم ٿي ماني وغيره بڻجي ٿي ائين ئي انسان، دل جو نرم ٿي ولي، صُوفي، عارف وغيره بڻجي ٿو۔ دل جي نرمي الله (پاڪ) جي وڏي نعمت آهي، اها دل جي نرمي بُزرگن جي صحبت ۽ انهن جا پاڪ جملا ٻڌڻ سان نصيب ٿيندي آهي۔“(مرآۃ المناجيح،۷/۲)
(5)يتيم ۽ مسڪين جي خير خواهي ڪريو:
نرمي پيدا ڪرڻ جو هڪ نسخو هي به آهي ته يتيم (Orphan) ۽ مسڪين سان خيرخواهي ڪريو جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ ان جي ترغيب موجود آهي۔ حضرت ابو درداءرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي، هڪ شخص تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي پنهنجي دل جي سختي جي شڪايت ڪئي ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايائون: ڇا تو کي اهو پسند آهي