Narmi Kesay Paida Karain

Book Name:Narmi Kesay Paida Karain

رحمت ِالٰهي جي جھلڪ:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي ته هن آيت مان الله پاڪ جي رحمت جي جھلڪ به نظر اچي ٿي ته پنهنجي بارگاھ جي باغي ۽ سرڪش سان ڪهڙي طرح ان نرمي فرمائي ۽ جڏهن پنهنجي نافرمان ٻانهي سان ان جي نرمي جو هي حال آهي ته اطاعت گزار ۽ فرمانبردار ٻانهي سان ان جي نرمي ڪهڙي زبردست هوندي۔ حضرت يحيٰ بن معاذ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سامهون جڏهن هن آيت جي تلاوت ڪئي وئي ته پاڻ روئڻ لڳا ۽ عرض ڪيائون: (اي الله ڪريم) هي تنهنجي ان ٻانهي سان نرمي آهي جيڪو چوي ٿو ته مان معبود آهيان ته ان ٻانهي سان تنهنجي نرمي جو ڪهڙو حال هوندو جيڪو چوي ٿو ته صرف تون ئي معبود آهين ۽ اها تنهنجي ان ٻانهي سان نرمي آهي جيڪو چوي ٿو: مان توهان ماڻهن جو سڀ کان اعليٰ رب آهيان ته ان ٻانهي سان تنهنجي نرمي جو ڇا عالَم هوندو جيڪو چوي ٿو: منهنجو اهو رب پاڪ آهي جيڪو سڀ کان بلند آهي۔(صراط الجنان،۶/۲۰۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

نرمي جون فضيلتون:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته جڏهن ڪنهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو موقعو ملي ته شفقت، محبت ۽ نرمي سان دعوت پيش ڪريون ڇوته هن انداز سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ اسان جي ڳالھ ۾اثر پيدا ٿيندو۽اسان جنهن کي نصيحت ڪري رهيا آهيون هو اسان جي ڳالھ توجھ سان ٻڌي عمل جي ڪوشش به ڪندو۔ قرآنِ پاڪ ۾ الله پاڪ