Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
ڀريو سُلوڪ ڪري ۽ جواب ۾ اسان به ان سان اهڙو ئي رويو اختيار ڪريون يا ان کان وڌيڪ بُري طرح پيش اچون ته ڳالھ ختم ٿيڻ بدران وڌي ويندي ۽ دشمني ۽ لڙائي جھيڙي تائين نوبت ٿي ويندي جڏهن ته جيڪڏهن ان سان نرمي ۽ مَحَبَّت ڀريو سُلوڪ ڪيو وڃي ۽ ان جي غلطي کي نظر انداز ڪندي درگذر مان ڪم ورتو وڃي ته اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ! ان جا مُثبَت نتيجا ڏسي جگر ضَرور ٿڌو ٿيندو۔ قرآنِ ڪريم ۾ سيپارو 24 سورۃ حٰمۤ اَلسَّجْدَه جي آٓيت نمبر 34 ۾ الله پاڪ اسان کي هن ئي ڳالھ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي :
اِدْفَعْ بِالَّتِیْ هِیَ اَحْسَنُ فَاِذَا الَّذِیْ بَیْنَكَ وَ بَیْنَهٗ عَدَاوَةٌ كَاَنَّهٗ وَلِیٌّ حَمِیْمٌ(۳۴)
ترجمو ڪنزالايمان: برائي کي ڀلائي سان ٽار تڏهن اهو جو تو ۾ ۽ ان ۾ دشمني هئي ائين ٿي ويندو ڄڻ ته گھرو دوست۔ (پ 24، حٰم السجده؛ 34)
تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت اهو لکيل آهي ته توهان بُرائي کي ڀلائي سان پري ڪريو مثال طور ڪاوڙ کي صبر سان (پري ڪيو)، ماڻهن جي جهالت کي حِلم سان(پري ڪيو) ۽ بدسلوڪي کي عَفو و درگُذر سان(پري ڪيو) اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو توهان سان برائي ڪري ته ان کي معاف ڪر، ته هن خصلت(عادت) جو نتيجو اهو نڪرندو ته دشمن دوستن جيان تون سان محبت ڪرڻ لڳندا۔ (صراط الجنان ،۸/۶۳۹)
نرمي پيدا ڪرڻ جي لاءِ بک سبب گھٽ کائڻ جي عادت بڻائڻ به بيحد مفيد آهي جڏهن ته پيٽ ڀري کائڻ سان جتي عبادت ۾ سُستي ۽ صحت خراب ٿيندي آهي اتي ان جو هڪ نقصان هي به آهي ته پيٽ ڀري کائڻ دل جي سختي