Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
ته تنهنجي دل نرم ٿي وڃي؟ ان عرض ڪيائين: جي ها۔ ارشاد فرمايائون: جڏهن تو وٽ ڪو يتيم اچي ته ان جي مٿي تي هٿ ڦير ۽ پنهنجي کاڌي مان ان کي به کاراءِ، تنهنجي دل نرم ٿي ويندي ۽ تنهنجون حاجتون به پوريون ٿينديون۔ (مصنف عبد الرزاق، ڪتاب الجامع، باب اصحاب الاموال، ۱۰/۱۳۵، الحديث: ۲۰۱۹۸)
(6) دل جي سختي جي نقصانن تي غور ڪريو
دل جي سختي جي نحوست اها آهي ته ان تي نصيحت جي ڪا ڳالھ اثر ناهي ڪندي ۽ دل نيڪين ڏانهن مائل ناهي ٿيندي ۽ دل جي سختي جي ڪري ٻانهو الله پاڪ جي ناراضي ۽ ان جي طرفان لعنت (يعني ان جي رحمت کان دُوري) جو حقدار ٿي ويندو آهي جيئن ته حضرت ِ سَيدُنا علي رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته رسولِ نذير، محبوبِ ربِّ قدير صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ نصيحت نشان آهي: منهنجي اُمَّت جي رحمدل ماڻهن کان ڀلائي طلب ڪريو انهن جي ويجھو رهو ۽ سنگدل (سخت دل) ماڻهن کان ڀلائي نه گھرو ڇوته انهن تي لعنت لهندي آهي۔ (مستدرڪ ،ڪتاب الرقاق ،باب اشقي الاشقياء من اجتمع ،،،،الخ ،۵/۴۵۸،حديث: ۷۹۷۸)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد
مجلس اَئِمه مساجد
اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دينِ متين جي خدمت ڪرڻ، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ 104 کان وڌيڪ شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، انهيء مان هڪ شعبو ’’ائمه مساجد‘‘ به آهي جيڪو مسجدن کي آباد ڪرڻ جي لاءِ امامن ۽ مؤذنن کي مقرر ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏيندي آهي ۽ انهن جي خيرخواهي ڪندي مناسب تنخواهه به مقرر ڪندي آهي، ته جيئن هي اسلامي ڀائر معاشي