Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
سڄي سال جا روزا رکڻ وارو هجي، سڄي رات قيام ڪرڻ وارو هجي پر جيڪڏهن ان جي مزاج (Humor) ۾ سختي هوندي ۽ هو بنا سبب جي مسلمانن جي دل آزاري ڪندو هوندو ته اهو عمل بروزِ قيامت ان جي پڪڙ جو سبب ٿي سگھي ٿو۔ ياد رکو! ڪاوڙ ۾ اچي ڪنهن مسلمان جي دل آزاري ڪرڻ، سڀني جي اڳيان ڪنهن کي ذليل ۽ رسوا ڪرڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ اڄوڪي دور ۾ اسان جي معاشري ۾ ڪاوڙ جي حالت يا مذاق مسخري ڪرڻ وقت ڪنهن جو مذاق اڏائڻ، سڀني جي اڳيان شرمسار ڪرڻ، ان تي تنقيد جا تير وسائڻ ۽ ان جي ڳالهين تي ٽهڪ ڏيڻ بلڪل معيوب (Defective) نٿو سمجھيو وڃي۔ جنهن جو مذاق اُڏايو ويندو آهي ڪڏهن ڪڏهن اهو به مذاق اُڏائڻ وارن سان گڏ ٽهڪ ڏئي کلي رهيو هوندو آهي۔ اهڙي ۾ شيطان ائين مطمئن ڪندو آهي ته هن کل مذاق سان اهو به خوش ٿي رهيو آهي جڏهن ته اهو ويچارو خوش نه، بلڪ ٿي سگھي ٿو پنهنجي شرمساري مِٽائڻ جي لاءِ کلندو هجي ۽ اندر ئي اندر ان جي دل جا ٽڪرا ٿي رهيا هجن۔ تنهنڪري اسان کي هر ان ڪم کان بچڻ گھرجي جنهن سان ڪنهن مسلمان جي دل آزاري ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو اسان جي لاءِ به سخت لفظ استعمال ڪري ته هڪدم غصي ۾ لال پيلو ٿيڻ بدران نرمي اختيار ڪندي ان جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، اچو! هن باري ۾ هڪ حڪايت ٻڌو، جيئن …
خُراسان جي هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خواب ۾ حڪم مليو ”تاتاري قوم ۾ اسلام جي دعوت پيش ڪيو!“ ان وقت اِقتدار هلاڪو جي پٽ تگودار جي