Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ!اڄ اسان نرمي (Softness) جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، ياد رکو! نرمي اهڙو پيارو وصف آهي جو جنهن ۾ اهو هوندو آهي ان جا اخلاق بهتر ٿيندا ويندا آهن ۽ ماڻهو به اهڙي شخص سان محبت ڪندا آهن، اچو! نرمي جي حوالي سان هڪ ايمان افروز واقعو سماعت فرمايو جيئن ته
تورات جي عالم جو اسلام قبول ڪرڻ
حضرت زيد بن سعنهرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه اسلام قبول ڪرڻ کان اڳي تورات جا عالم هئا، انهن حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان کجورون خريد ڪيون۔ کجورون ڏيڻ جي مدت ۾ اڃا هڪ ٻه ڏينهن باقي هئا جو انهن وڏي مجمعي ۾ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان سختي سان گُھريائون ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دامن ۽ چادر پڪڙي ڪاوڙيل نگاهن سان پاڻ ڏانهن ڏٺائين، اهو منظر ڏسي حضرت عمر رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه ڪاوڙ ۾ آيا ۽ نهايت غضب ناڪ ۽ ڪاوڙيل نگاهن سان ڏسندي چيائون ته اي خدا جا دشمن! تون خدا جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان اهڙي گستاخي ڪري رهيو آهين؟ خدا جو قسم! جيڪڏهن حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ادب مانع نه هجي ها ته مان هينئر پنهنجي تلوار سان تنهنجي سسيءَ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيان ها۔ اهو ٻڌي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته اي عمر!(رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه ) تون ڇا چئي رهيو آهيان؟ توکي اهو گھرجي ها ته مون کي اداءِ حق جي ترغيب ڏئي ان کي نرمي سان طلب ڪرڻ جي هدايت ڪري اسان