Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
ان جي برڪت سان اسان جي دل نرم ٿي ويندي، نه ته يادِ الٰهي کان غافل رهڻ جي نحوست سان دل سخت ٿي سگھي ٿي، جيئن حضرت عبدالله بن عمررَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْهما کان روايت آهي، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: ’’الله پاڪ جي ذڪر کان سوا گھڻي گفتگو نه ڪريو ڇوته الله پاڪ جي ذڪر جي بغير وڌيڪ ڪلام ڪرڻ دل جي سختي (جو سبب آهي) ۽ سخت دل انسان الله پاڪ کان گھڻو پري هوندو آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الزهد، ۶۲-باب منه، ۴/۱۸۴، حديث: ۲۴۱۹۔)
(2) گناهن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪريو:
دل کي نرم ڪرڻ جي لاءِ خوب خوب نيڪ عمل ڪريو ۽ هر ننڍي وڏي ظاهري باطني گناهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو ڇوته گناھ جو ارتڪاب ڪرڻ سان دل سخت ٿي ويندي آهي۔ تنهنڪري دل ۾ نرمي پيدا ڪرڻ جي لاءِ الله پاڪ جو خوف پيدا ڪريو ۽ گناهن جي ڪري ملڻ واري اُخروي تڪليفن ۽ عذابن کي ياد ڪريو اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ دل جي سختي دور ٿي ويندي۔
پنهنجي اندر نرمي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي هن ڳالھ جو عادي بڻايو ته جڏهن به ڪنهن کان ڄاڻي يا اڻ ڄاڻ ۾ ڪا تڪليف پهچي ته سر جو جواب پٿر کان ڏيڻ بدران غصي کي قابو ۾ رکندي معاف ڪري ڇڏيو۔ ۽ اهو اُصول ذهن ۾ رکو ته جيڪڏهن نجاست (گندگي) ڪنهن شيء تي لڳي ته ان کي پاڻي سان پاڪ ڪيو ويندو آهي نجاست سان نه، جيڪڏهن اسان ان گندگي کي گندگي سان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اها پاڪ ٿيڻ بدران ويتر وڌيڪ ناپاڪ ٿي ويندي۔ اهڙي طرح ڪو اسان سان ناداني (Unknowingly) ۾ شدّت