Narmi Kesay Paida Karain

Book Name:Narmi Kesay Paida Karain

پريشانين کان بي فڪر ٿي خوب خوب نيڪيءَ جي دعوت عام ڪندا رهن. مسجدن کي آباد ڪرڻ ۾ امامن ۽ مؤذنن جو اهم ڪردار هوندو آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان منسلڪ امام صاحب، صداءِ مدينه، انفرادي ڪوشش جي ذريعي نمازِ باجماعت جي طرف رغبت، درسِ فيضانِ سنت، نماز فجر جي بعد مدني حلقي ۾ شرڪت ۽ سنتن جي مدني تربيت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني قافلن جي برڪت سان مسجدن کي آباد رکندا آهن، الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي هن مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري خوب خوب مدني قافلن ۾ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ ”فڪرِ مدينه“ جي ذريعي روزانو مدني انعامات جو رسالو ڀرڻ ۽ عشقِ رسول سان اسان جي دل جي اجڙيل بستي آباد ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.     اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!  صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌو ته ٭ پيارا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تمام گھڻي نرمي فرمائڻ وارا هئا۔

٭نرمي جو حڪم الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ به ارشاد فرمايو آهي۔

٭نرمي سان ڪيل نصيحت کي سامهون وارو قبول ڪري ٿو۔

٭نرمي ڪرڻ سان انسان جي طبيعت ۾ شفقت، مهرباني، عفوو درگذر ۽ بردباري پيدا ٿيندي آهي۔ ٭الله پاڪ نرمي کي پسند فرمائي ٿو۔ ٭الله پاڪ جن ماڻهن تي ڪرم فرمائي ٿو انهن جي دلين ۾ نرمي پيدا ڪندو آهي۔