Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
ڪرڻ جي نِيت ڪريو. جيئن ته
واه ڪينٽ (پنجاب،پاڪستان) جو اسلامي ڀاءُ معاشري جي کوڙ نوجوانن جيان کوڙ اَخلاقي بُرائين ۾ مبُتلا هو۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، ،راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ ۾ وقت برباد ڪرڻ ان جو پسنديده شوق هو۔ هڪ ڏينهن گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مُذاڪرو ڏسڻ جي سَعادت نصيب ٿي، اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مدني مذاڪرو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي برڪت سان ان کي ڪافي سڪون مليو ۽ ان اڳوڻن سڀني گُناهن کان توبه ڪري فرض ۽ واجب جو عامِل بڻجڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، چهري تي هڪ مٺ ڏاڙھي شريف سجائي ورتي ۽ مدني حُليو به اَپنائي ورتو آهي، ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جو وڌيڪ ڪرم هي ٿيو جو والِدَين خوشي سان ’’وقفِ مدينه‘‘(دعوتِ اسلامي جي ڪمن لاءِ پيش) ڪري ڇڏيو آهي۔
مدنی چینل کی مہِم ہےنفس وشیطاں کے خلاف جو بھی دیکھے گا کریگا اِنْ شَآءَاللہ اِعتراف
نفسِ اَمَّارہ پہ ضَرب ایسی لگے گی زور دار شرم عصیاں کے سبب ہوگا گنہگار اشکبار
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! محبتون وڌائڻ، نفرتون مٽائڻ ۽ پاڻ ۾ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي اندر نرمي پيدا ڪرڻي پوندي.
ياد رکو!گهر ۾ مدني ماحول قائم ڪرڻو آهي ته پنهنجي اندر نرمي پيدا ڪرڻي پوندي، والد ۽ والده کي نيڪي جي دعوت ڏيڻي آهي ته پنهنجي اندر نرمي پيدا ڪرڻي پوندي، ڀيڻ ڌيءَ کي پرديدار بڻائڻو آهي ته پنهنجي اندار نرمي پيدا ڪرڻي پوندي، پنهنجي پٽ کي نمازي بڻائڻو آهي ته پنهنجي اندر