Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دل جي نرمي کي پنهنجي رحمت قرار ڏني آهي، جيئن سيپارو 4 سورة اٰل عمران جي آٓيت نمبر 159 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
فَبِمَا رَحْمَةٍ مِّنَ اللّٰهِ لِنْتَ لَهُمْ (سيپاري:۴، آل عمران:۱۵۹) تَرجَمَو ڪنز الايمان: پوءِ ڪهڙي نه اللہ جي مہرباني آہي جو اي محبوب توهان انهن لاءِ نرم ٿيو.
هن آيت ۾ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه (Manners) جو بيان ڪيو ويو آهي، جيئن ارشاد آهي ته ”اي حبيب! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ، الله پاڪ جي اوهان تي ڪيتري وڏي رحمت آهي جو ان اوهان کي نرم دل، شفيق ۽ رحيم و ڪريم بڻايو ۽ اوهان جي مزاج ۾ ايتري قدر لُطف و ڪرم ۽ شفقت و رحمت پيدا فرمائي جو غزوه اُحد جهڙي موقعي تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ غضب جو اظهار نه فرمايائون جڏهن ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ان ڏينهن ڪيتري قدر اَذِيت و تڪليف پهتي هئي ۽ جيڪڏهن رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سخت مزاج هجن ها ۽ برتاؤ ۾ سختي سان ڪم وٺن ها ته اهي ماڻهو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پري ٿي وڃن ها۔ ته اي حبيب!صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان انهن جي غلطين کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪريو ته جيئن اوهان جي سفارش تي الله پاڪ به انهن کي معاف ڪري ڇڏي۔(صراط الجنان،۲/۸۰)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح سون نَرم ٿي زيور بڻجندو آهي، لوھ