Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
امتحان‘‘ مان پاڙيسري جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا، اچو! پهريان ٻه فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: الله پاڪ جي ويجھو بهترين پاڙيسري اهو آهي جيڪو پنهنجي پاڙيسري جو خير خواه هجي۔ (تِرمِذي، ڪتاب البر ولصلۃ ،باب ما جاء في حق الجوار،۳/۳۷۹، حديث: ۱۹۵۱)(2) فرمايائون: جنهن پنهنجي پاڙيسري کي اِيذاء ڏنو ان مون کي اِيذايو ۽ جنهن مون کي اِيذايو ان الله پاڪ کي اِيذايو۔ (الترغِيب والترهيب،۳/۲۸۶، حديث:۳۹۰۷ ) ٭ ’’نُزهةُ القاري‘‘ ۾ آهي: پاڙيسري ڪير آهي ان کي هر شخص پنهنجي عُرف ۽ معاملي سان سمجھي سگھي ٿو۔(نزهۃ القاري،۵/۵۶۸)٭امام محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڙيسري جي حقن مان اهو به آهي ته ان کي سلام ڪرڻ ۾ پَهل ڪري۔ ٭ ان کان ڊگھي گفتگو نه ڪري، ٭ ان جي حالات جي باري ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪري۔ ٭ هو بيمار هجي ته ان جي مزاج پُرسي ڪري، ٭ مصيبت جي وَقت ان جي غم خواري ڪري ۽ ان جو ساٿ ڏئي۔ ٭ خوشي جي موقعي تي ان کي مبارَڪ باد ڏئي ۽ ان سان خوشي ۾ شرڪت ظاهر ڪري۔ ٭ ان جي لغزِشن کي در گذر ڪري ،٭ ڇت تان ان جي گھر ۾ نه ڏسي،٭ ان جي گھر جو رستو تنگ نه ڪري۔٭ هو پنهنجي گھر ۾ جيڪو ڪجھ وٺي وڃي رهيو آهي ان کي ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪري۔ ٭ ان جي عيبن تي پردو وجھي، ٭ جيڪڏهن اهو ڪنهن حادِثي يا تڪليف جو شڪار هجي ته هڪدم ان جي مدد ڪري۔٭ جڏهن هو گھر ۾ موجود نه هجي ته ان جي گھر جي حفاظت کان غفلت نه ڪري۔ ٭ ان جي خلاف ڪا ڳالھ نه