Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

ڏينهن سان گڏ ئي هڪ نئون فتنو ڏسڻ اچي ٿو، هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اسان انهن فتنن کان پنهنجي پاڻ کي ڪيئن بچائي سگهون ٿا؟ پوءِ اچو! موجوده دور جي فتنن کان بچڻ جي لاءِ 7 طريقا پيشِ خدمت آهن، ٻڌو ۽ عمل جي ڪوشش ڪيو.

(1) فتنن کان حفاظت ۽ ايمان جي سلامتي جي لاءِ چڱي صحبت اختيار ڪيو. هلندڙ زماني ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي چڱي صحبت ماڻڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي مسلمانن کي فتنن کان بچائيندي، انهن کي ايمان جي سلامتي جو ذهن ڏيندي ۽ انهن کي  حقيقي معنٰي ۾ سنت جو آئينه دار بڻائيندي آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ماحول کان وابسته ٿيڻ جي برڪت سان هاڻي تائين بيشمار ماڻهن جي اصلاح ٿي آهي، نه صرف انهن جو بلڪ انهن جي نسلن جو ايمان محفوظ ٿي ويو. (2) پنهنجي پاڻ کي فتنن کان بچائڻ جي لاءِ ضرورت جي علاوه گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان بچو جو انهيء ۾ عافيت آهي. ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهني نفس تي اعتماد ڪندي بغير ضرورت گهر کان ٻاهر نڪري پوندو آهي پر ناواقفي ۾ ڪنهن نه ڪنهن فتني جو شڪار ٿي گمراهي جي گهري کڏ ۾ ڪري پوندو آهي، تنهنڪري هن معاملي ۾ پنهنجي نفس تي بلڪل به اعتماد نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته نفس تي اعتماد ڪرڻ وارو وڏي ڪوڙي تي اعتماد ڪندو آهي. (غيبت جون تباهه ڪاريون، 254) (3) هن نئين دور ۾ سوشل ميڊيا فتنن کي پکيڙڻ جو هڪ خطرناڪ هٿيار بڻجندو پيو وڃي، اسلام جون دشمن قوتون پنهنجي مقصدن جي خاطر ان جو غلط استعمال ڪري ظاهر طور تي اسلام جي شعار جو مذاق اڏائي رهيون آهن، سوشل ميڊيا جي ذريعي اسلام جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، انهيء جي ذريعي مسلمانن کي بي حيائي ۽ فحاشي جي گند ۾ ڌڪيو پيو وڃي، تنهنڪري سوشل ميڊيا جي تباهه ڪارين کان پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي نسلن کي بچائي رکو، بالفرض ان کان بغير گزارو نه هجي ته پوءِ دارالافتا اهلسنت کان ان باري ۾ شرعي رهنمائي ضرور