Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

حاصل ڪيو. (4) دعوت اسلامي جي تحت مختلف مسجدن ۾ روزانو عشاء جي نماز کان پوءِ لڳڻ واري مدرسة المدينه بالغان ۾پڙهڻ پڙهائڻ به فتنن کان بچڻ ۾ گهڻو معاون ۽ مددگار آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان عاشقانِ رسول جي صحبت ميسر ايندي، مسجدن ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو ۽ ڪيئي شيطاني فتنن کان اسان جي حفاظت رهندي. (5) فتنن کان بچڻ بچائڻ جي لاءِ مدني چينل ڏسڻ ڏيکارڻ جو ذهن بڻايو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني چينل اهو واحد چينل آهي جنهن تي نشر ٿيڻ وارو سلسلو عين شريعت جي مطابق هوندو آهي، مدني چينل عشقِ رسول جا جام پياريندو آهي، مدني چينل تي درست اسلامي تعليم کي اجاگر ڪيو ويندو آهي، مدني چينل مقدس هستين جو ادب سيکاري ٿو، تنهنڪري پاڻ به مدني چينل ڏسو ۽ گهروارن کي به ڏسڻ جي ترغيب ڏياريو، (6) مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ به فتنن کان بچڻ جو بهترين ذريعو آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت ملندي آهي، سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿيندي آهي، فڪرِ آخرت جو جذبو ملندو آهي ۽ موت جي تياري جو ذهن بڻجندو آهي، تنهنڪري دعوت اسلامي جي تحت سفر ڪرڻ وارن مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻايو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ فتنن کان حفاظت رهندي. (7) فتنن کان حفاظت جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن کي پنهنجو لازم عمل بڻايو.
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون برڪتون پنهنجي کليل اکين سان ڏسڻ نصيب ٿينديون. الله ڪريم هر طرح جي فتني کان اسان جي حفاظت فرمائي، اسان کي ۽ اسان جي آئنده نسلن کي به انهن فتنن کان محفوظ فرمائي.

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: