Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

(حدائقِ بخشش ،ص۲۶۱)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هينئر جيڪا اسان حڪايت ٻڌي، اها حڪايت اميرِاَهلسنّت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”سانپ نُما جِنّ“ جي صفحي نمبر 11 تان بيان ڪئي وئي آهي۔ هن رسالي ۾ اميرِ اهلسنت غوثِ پاڪ جي سيرت بابت مزيد ايمان افروز حڪايتون نقل ڪيون آهن، تنهنڪري اڄ ئي هن رسالي کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان هديو ڏئي طلب فرمايو ۽ ان جو مطالعو فرمايو، دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن رسالي کي پڙهي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ ۽ پرنٽ آؤٽ به ڪري سگھجي ٿو۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حِڪايت ۾ اسان لاءِ بي شمار نڪتا موجود آهن، ڏسو ته سهي! هڪ پاسي اسان جا مرشد حضور غوثُ الۡاعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن جن سخت ضرورت ۽ بُکَ هجڻ جي باوجود غذا ۽ رقم جي معاملي ۾ بيمثال ايثار کان ڪم ورتو جڏهن ته ٻئي پاسي اسين آهيون جو بکيون رهڻ ته پري جي ڳالھ آهي پر بالفرض يارهين شريف جي نياز جي برياني ئي سامهون اچي ته حِرص جو اهڙو غلبو طاري ٿي ويندو آهي جو دل چاهيندي آهي ته پورو ٿال مان ئي کائي وٺان، ٻوٽي ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪنهن کي چانورن جو داڻو به نه ملي!! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان کي جڏهن ٻين سان ملي کائڻ جو اتفاق ٿئي ته وڏا وڏا گرهه بنا چٻاڙي جلد جلد کائڻ ۽ سٺيون ٻوٽيون پنهنجي طرف ڪرڻ جو حِرص غالب اچي ته ان وقت پنهنجي مرشد غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان ڪيل حڪايت سان گڏوگڏ هي فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به ذهن ۾ دُهرايو:  

الله پاڪ جي نبي، مڪي مَدَني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ بخشش نشان آهي: جيڪو اهڙي شيء جنهن جي پاڻ کي حاجت هجيس، اها ٻين کي ڏئي ته الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو آهي. (اتحاف السادة للزبيدي ج 9 ص 779) ان کان علاوه فيضانِ سنت جلد پهرين صفحي 468 تي حضرت سيّدُنا ابو سُليمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو