Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

هڪ آيت جي تفسير بيان ڪندي آيت جي هڪ معني بيان فرمائي، حضرت ابُوالعباس رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون عَلامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي، ڇا اوهان کي هن تفسير جو علم هو؟ انهن جواب ڏنو، ها! مون کي اهو تفسيري قول معلوم هو، ان کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ آيت سڳوري جي ٻي تفسير بيان ڪئي، مون وري عَلامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي، ڇا اها تفسير اوهان کي معلوم آهي؟ انهن جواب ڏنو، ها! وري انهيءَ آيت سڳوري جي ٽئين تفسير بيان ڪئي، مون وري عَلامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي، ڇا اها تفسير اوهان کي معلوم آهي؟ انهن جواب ڏنو، ها! پوءِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ آيت سڳوري جي چوٿين پوءِ پنجين پوءِ ڇهين ايسيتائين جو ڏھ تفسيري قول بيان ڪيا، هر تفسير کان پوءِ علامه ابن جوزي کان پڇا ڪئي، اوهان کي اها تفسير معلوم آهي، هر ڀيري منهنجي پڇڻ تي علامه ابن جو جواب اهو ئي هو ته مون کي اهو تفسيري قول معلوم آهي، يارهين کان پوءِ حُضُورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهيءَ آيتِ مُبارَڪه جي ٻارهين تفسير بيان فرمائي۔ مون علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي: ڇا اوهان کي اها تفسير به معلوم آهي؟ ته هو نفي (يعني انڪار) ۾ مٿو لوڏيندي چوڻ لڳا: نه! اها تفسير منهنجي علم ۾ نه آهي۔ پوءِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهيءَ آيت جي تيرهين تفسير بيان فرمائي، پوءِ چوڏھين بيان فرمائي، پوءِ پندرهين پوءِ سورهين، پوءِ ان کان بعد ويھ )20) تفسير، وري پنجويھ )25) ايستائين جو تفسيرن جو تعداد ٽيھ (30) تائين پهچي وئي۔ ۽ يارهين تفسير کان پوءِ هاڻي هر تفسير تي علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو جواب اهو ئي هوندو هو ته مان هن تفسير سان واقف نه آهيان۔ اها تفسير منهنجي علم ۾ نه آهي۔

 (بهجۃ الاسرار،ذڪر علمه …الخ،ص ۲۲۴ بتغير)

مَظْہرِ عظمتِ غفّار ہیں غوثِ اعظم                                 مُظْہِرِ رِفْعَتِ جبّار ہیں غوثِ اعظم

نائبِ احمدِ مُختار ہیں غوثِ اعظم                                       اور سب ولیوں کے سردار ہیں غوثِ اعظم

میرے مُرشِد مِری سرکار ہیں غوثِ اعظم                       میرے رہبر مرے غمخوار ہیں غوثِ اعظم

حشر کے روز ہماری بھی شفاعت کرنا                                آہ! ہم سخت گنہگار ہیں غوثِ اعظم