Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

ٻنهي شعرن جي مختصر وضاحت: غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه الله پاڪ جي معاف ڪرڻ واري صفت جي عظمت ۽ غضب فرمائڻ واري صفت جي بلندي جا مظهر آهن۔ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جنابِ احمدِ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا نائب ۽ سڀني ولين جا سردار آهن۔ منهنجي رهنمائي ڪرڻ وارا، منهنجا سرڪار، منهنجا پيشوا ۽ مصيبت جي وقت منهنجي مدد ڪرڻ وارا به غوثِ پاڪ آهن۔ افسوس! اسان نهايت گنهگار آهيون پر اي غوثِ اعظم! اوهان سان التجا آهي ته بروزِ محشر اسان جي به شفاعت ڪجو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عام طور جڏهن ڪنهن کي بيان ڪرڻو هوندو آهي ته اها پهريان ان جي تياري ڪندي آهي، ڪيئي ڪيئي ڪتابن جو مطالعو ڪندي آهي، بيان جي هڪ ترتيب ۽ خاڪو پنهنجي ذهن ۾ ٺاهيندي آهي، بلڪ ڪڏهن ته مڪمل بيان يا ڪجھ ضروري نڪتا به لکي گڏ آڻيندي آهي ته جيئن بيان ڪرڻ ۾ آساني رهي، جيئن مثال جي طور مان اوهان جي اڳيان بيان ڪري رهي آهيان ته مڪمل بيان هڪ ترتيب سان منهنجي سامهون موجود آهي پر قربان وڃجي! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي علمي شان و شوڪت ۽ سندن جي بي مثال ذهانت تي جو پاڻ انهن آيتن تي بيان فرمايو جيڪي قاري صاحب تلاوت ڪيون هيون ۽ انهن آيتن جي هڪ نه، ٻه نه، ٽي نه بلڪ چاليھ (40) تفسيرون ۽ هر هر قول جي قائل جو نالو به بيان فرمايو ۽ اهڙي علم وحڪمت سان ڀرپور تفسير بيان ڪيائون جو جن کي ٻڌي علامه عبدالرحمٰن ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جهڙا وقت جا تمام وڏا عالِم ۽ امام به حيران رهجي ويا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل واقعي مان حضور غوث ِپاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي قرآنِ ڪريم سان والهانه محبت ظاهر ٿي رهي آهي جو پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه علم جو سمنڊ هئڻ جي باوجود قرآنِ ڪريم جا ڪيئي ڪيئي تفسير پڙهندا ۽ بيان ڪندا هئا۔ ڪثرت سان عبادت ۽ رِياضت ۽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پندرهن (15) سالن تائين سڄي رات ۾ هڪ قرآنِ پاڪ ختم ڪندا